خيرپور ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، منافعي خورن اگهه چاڙهي ڇڏيو، ڌرڻو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي زرعي مارڪيٽ پنجهٽي ۾ ڀاڻ جي واپارين هٿرادو في ٻوري تي پنج سو رپين کان اٺ سو رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي. جنهن عمل خلاف آبادگارن زرعي مارڪيٽ وٽ ٻنهي طرفن کان پراڻو قومي شاهراهه  بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي وڏيرو محرم هاليپوٽو، استاد حبيب الله لاکو، عبدالحسين ڪٽوهر، پنهل ڪٽوهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. جن ٻڌايو ته هڪ منهيني اڳ يوريا جي في ٻوري 1800 رپيا ۽ ڊي اي پي جي في ٻوري 7000 رپيا سرڪاري اگهه مقرر ڪيو ويو هو هينئر ڀاڻ جي واپارين هٿرادو 2800 يوريا جي في ٻوري ۽ ڊي اي پي جي 10000 رپيا ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته حڪومت طرفان اهڙو ڪوبه اعلان نه ڪيو ويو آهي. هنن چيوته اسان اهڙيون شڪايتون ڊپٽي ڪمشنر ۽ زرعي آفيسرن کي ڏنيون آهن پر ڪوبه تدارڪ نه ٿيو آهي. هنن چيوته خيرپور جي پرائس ڪنٽرول ڪميٽي اگهور ننڊ ستل آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيوته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر هٿرادو وڌايل قيمتون نه گهٽايون ويون ته هو خيرپور جي زرعي مارڪيٽ پنجهٽي وٽان قومي شاهراهه بند ڪري ڌرڻو هڻندا ۽ قيمتون هٽائڻ تائين جاري رهندو جنهن جي ذميواري انتظاميه مٿان هوندي هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي مختيارڪار روينيو عبدالحڪيم ڌاريجو ٻڌايو ته ڀاڻ جي موجودگي جو ڪٿي به اطلاع نه ٿو ملي  منعافي خور واپارين ڀاڻ کي گدودامن ۾ لڪائي ڇڏيو آهي جاج ڪريون ٿا ڪٿي به ڀاڻ هجڻ جي موجودگي جو پتو پيو ته کيس جيل موڪليو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.