اوپو جو نئون ۽ سستو سمارٽ فون متعارف

اوپو هن وقت پنهنجي نئين فليگ شپ فون فائينڊ ايڪس 5 سيريز جي تياري ۾ مصروف آهي جڏهن ته پهرين فولڊ ايبل فون تي به ڪم ڪيو پيو وڃي.

پر ان سان گڏوگڏ ڪمپني طرفان سستا سمارٽ فونز کي پيش ڪرڻ جو به سلسلو جاري آهي.

چيني ڪمپني اي سيريز جو هڪ نئون سستو سمارٽ فون متعارف ڪرايو آهي جيڪو سڀ کان پهريان چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي.

اوپو اي 11 ايس 4 جي فون آهي جنهن کي جلد ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو ويندو.

اوپو اي 11 ايس ۾ 6.5 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي ايڇ ڊي پلس ريزولوشن ۽ 90 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

ڪمپني موجب ان سستي سمارٽ فون ۾ ان قسم جو ريفريش ريٽ عام طور تي ناهي ڏنو ويندو پر اسان ان کي سستي فون جو حصو بڻايو آهي.

فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ لڪيل آهي.

فون جي اندر سنيپ ڊراگون 460 پراسيسر موجود آهي جڏهن ته 4 ۽ 8 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج جا آپشنز ڏنا ويا آهن.

اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم کي ڪلر او ايس 7.2 سان ليس ڪيو ويو آهي جڏهن ته 5000 ايم اي ايڇ جي بيٽري ان ڊوائيس جو حصو آهي.

اوپو اي 11 ايس ۾ بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي.

فون جي مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمراز ڏنيون ويون آهن.

ان فون جي 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج واري ورجن جي قيمت 999 يو آن (28 هزار پاڪستان رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي جي قيمت 1199 يو آن (33 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.