”مهانگائيءَ کان ڇوٽڪارو جو اڪيلو حل عمران خان جي حڪومت جو خاتمو آهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مهانگائيءَ کان ڇوٽڪارو جو اڪيلو حل عمران خان جي حڪومت جو خاتمو آهي.

وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي ردعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي دور ۾ بدترين عالمي معاشي بحران هو پر اسان مهانگائي جو بار عوام کي کڻڻ نه ڏنو.

هن چيو ته عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام کي نئين سال جو تحفو ڏنو آهي، وفاقي حڪومت بنا دير پيٽروليم اسمن جي اگهن کي عالمي مارڪيٽ جي قيمتن موجب ڪري.

واضح رهي ته حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.