ٽنڊي آدم ڀرسان حادثو، ڪنوار فوت، گهوٽ زخمي

ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊي آدم ڀرسان تارا باغ ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ هفتو اڳ پرڻيل چودگي واسي ڪنوار  22 ورهين جي شاهدھ زال سنيل اوڏ موقعي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس مڙس سنيل اوڏ زخمي ٿي پيو آھي ۔ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال ٽنڊي آدم پهچايو ۔  مڙس هٿن کي لڳل ميندي ڏيکاريندي زارو قطار روئندي ٻڌايو ته هفتو اڳ اسان جي شادي ٿي آھي ڳوٺ کان ٽنڊوالهيار زيارت لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته تيز رفتار ٽرڪ هنيو ۽ منهنجي جيون ساٿي وڇڙي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.