جمهوريت لاءِ صحافين جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن: بلاول ڀٽو

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سکر پريس ڪلب، سکر يونين آف جرنلسٽس، سيفما سکر چيپٽر ۽ فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن هميشه حق سچ واري صحافت جي حمايت ڪئي آهي. سکر جي چونڊيل صحافي اڳواڻن کي مبارڪون هجن. جمهوري انداز سان پريس ڪلب ۾ چونڊون ڪرائي تنظيم سازي ڪئي وئي آهي. هن اهڙو اظهار پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جاري ڪيل پيغام ۾ سکر پريس ڪلب جي صدر چوڌري محمد ارشاد گوندل، جنرل سيڪريٽري شهزاد تاباڻي، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سهتو، جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته سياسي ڪارڪن ۽ غير جانبدار صحافت جو پاڻ ۾ چولي دامن وارو ساٿ آهي. پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ صحافين جي ڪاوشن ۽ قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگھجي. صحافتي تنظيمن ۾ جمهوري انداز سان چونڊون ٿيڻ تمام سٺي ڳالهه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.