حڪمران آئي ايم ايف جا ايجنٽ بڻجي ويا آهن: غلام قمبر حاجاڻو

گلشن اقبال (ن ع آ) ع ج پ مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو چيو آهي ته حڪمران آئي ايم ايف جا ايجنٽ بڻجي ويا آهن مني بجيٽ عوام دشمن بجيٽ آهي جنهن ۾ وڌيڪ ٽئڪس مڙهي کاڌ خوراڪ، دوائن سميت زندگي جي استعمال جو سڀ شيون مهانگيون ڪيون ويون آهن هڪ طرف زراعت کي تباهه ڪرڻ لاءِ مختلف هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن ٻئي پاسي مهانگائي جو جن بوتل کان ٻاهر نڪري آيو آهي غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ کان به محروم آهي تعليم، صحت جون سهولتون غريب جي پهچ کان پري ڪيون ويون آهن عوام جي ووٽن تي عياشيون ڪندڙ حڪمران ماڻهن جي تڪليفن کي وساري ڇڏيو آهي عوام جي حقن لاءِ ڪا به قانون سازي نه پئي ٿئي ڪرپٽ بيوروڪريسي نظام انصاف جو ڌچيون اڏاري ڇڏيون آهن ماڻهن کي انصاف ملڻ مشڪل بڻجي ويو آهي مسڪين عوام ڏينهون ڏينهن مسئلن جي ور چڙهي رهيو آهي ذميوار ڌريون پنهنجو قبلو درست ڪن ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ جوڳو ڪردار ادا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.