رتيديري لڳ سارين جي ديري کي باهه

رتو ديرو (ن ع آ) رتيديري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ننڍا ٻوسڻ ۾ پندرهن جريبن جي رکيل ان جي ديري کي جوابدارن  باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو ان حوالي سان متاثر عورتن نذير خاتون ۽ گلستان خاتون دانهيندي چيو ته اسان جي پندرهن جريبن جو سارين جو ديرو ٿريشر لڳرائڻ لاء رکيل هيو جنهن کي اسان جي مخالفن اقبال ، دلدار ، سهيل ، رياض ۽ راحب گهانگهرو جن هٿياربند ساڻ ڪري اسان جي سارين جي ديري کي باھ ڏئي لکين روپين جو ساريون ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيون آھن ۽ اسان کي جوابدارن موتمار ڌمڪيون ڏئي ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جو چئي ويا آھن هنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.