ڪارونجهر جي حفاظت جو عدالتي تاريخي فيصلو

تحرير؛غلام حسين جوڻو

سنڌ ۾ ، ڪيترائي قديمي ، تاريخي ۽ سياحتي ماڳ آهن. جن کي ڏسڻ سان من ٺريو ٿو پوي ۽ دل باغ و بهار ۽ خوش ٿئي ٿي. اهڙن ماڳن مان ڪارونجهر جبل به هڪ آهي. جتي هر سال لکين ماڻهو تفريح ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. جن جي اچڻ سان اتي رونق پيدا ٿيندي آهي. ان رونق ۾ ، تڏهن وڌيڪ اضافو ٿيندو آهي. جڏهن وسڪارو (برسات) ٿئي ٿو. پوءِ ڪارونجهر وٽ ماڻهن جي تمام گهڻي رش ٿيو پوي. ڏيهي توڙي پرڏيهي ۽ ديسي توڙي پرديسي اچيو گڏ ٿين. ان وقت ننگر پارڪر جو سڄو علائقو ، ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي تفريح گاهه کان گهٽ ڪونه هوندو آهي. ڪارونجهر جو اوچو ڳاٽ به وسڪاري ۾ ڏسڻ وٽان آهي. پر، جيئن ته  هن وقت سنڌ ۾ ، ڪو به تاريخي ماڳ ۽ مڪان محفوظ ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي. اهي سمورا تفريحي ۽ سياحتي هنڌ تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آهن. جن کي هٿ وٺي تباهه و برباد ڪيو پيو وڃي ۽ قدرتي سونهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ کي کنڊرات ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪي ڌريون، سنڌ دشمني ڪري رهيون آهن. جيڪي ڏاڍيون مضبوط ۽ طاقتور آهن. جن جي خلاف عوامي احتجاج ڪيا پيا وڃن. هڙتالون ٿي رهيون آهن. جلسا ۽ جلوس ٿين پيا. پر، انهن جو ڪو به اثر ڪونه ٿو ٿئي. احتجاجن ڏانهن ڪو به توجهه ئي ڪونه ٿو ڏنو وڃي.

هونئن ته ، ڪارونجهر جي ڪٽائي جو سلسلو ڪيترن ئي سالن کان وٺي هلندڙ آهي. جنهن ۾ ڪڏهن به ٺاپر ڪونه ٿي آهي. ڪارونجهر کي وڍڻ ۽ ٽڪڻ جو ، ٿورو يا گهڻو ڪم روزاني ٿئي پيو. پر، ان ڪم ۾ ٿوري وقت کان وٺي جيڪا واڌ آئي آهي تنهن جي باري ۾ مون وٽ لفظ ئي ڪونه آهن جو بيان ڪري سگهان. البته ، ان ڪم تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ئي ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي سڄڻن گهڻ گهرن ساڃاهه وند ۽ خيرخواهن ماڻهن کي ڳڻتي آهي ۽ ان عمل جي هر وقت مذمت ڪندا رهن ٿا. سنڌ جي سونهن کي ختم ڪرڻ وارين ڌرين کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا رهن ٿا.

آئون ، افسوس سان لکان ٿو ته ، گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي سنڌ دشمني ٿيندي رهي آهي. پر، گذريل چوڏهن سالن کان وٺي سنڌ کي جيڪو نقصان پهچايو پيو وڃي. دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو مثال ڪونه ٿو ملي. موجوده حڪومت ته سنڌ دشمني ڪرڻ ۾ سمورا ليڪا لتاڙي دنگ ڪري ڇڏيا آهن. هيءَ حڪومت سنڌ جي حفاظت ته ڪونه ٿي ڪري سگهي. پر، هتان جي سونهن تي به ڌاڙا هڻي رهي آهي. قدرتي سونهن کي هٽائي پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهي آهي. جنهن ڪري ساڃاهه وند ماڻهن جي دلين ۾ انهي حڪومت جي خلاف نفرتون پيدا ٿي رهيون آهن. پر، ان ڳالهه جي حڪومت کي ڪا به پرواهه ڪونه آهي.

حڪومت، ڄاڻايل عوامي مطالبن کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. نيٺ عدالت سڳوري ڪارونجهر جي معاملي تي ڌيان ڏنو ۽ حڪم صادر ڪيو ته ، ڪارونجهر جبل تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي ڪم بند ڪرڻ گهرجي. ڪوهه نور ۽ ايف ڊبلو او ٽالي ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪيو آهي. ان کان علاوه ، سموري مشينري هٽائڻ جو به چيو آهي. پٿر کڻندڙ ٽرڪون به بند ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ڪارونجهر جي ڪٽائي جو ڪم بند ڪرائي. سموري مشينري ضبط ڪري ، عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ به احڪامات جاري ڪيا ويا آهن. اهو به چيو ويو آهي ته ، ڪمپنين جا مالڪ ، پنهنجي ذاتي حيثيت سان ، عدالت ۾ پيش ٿي سگهن ٿا ۽ پنهنجي موقوف کان آگاهي ڏيئي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ انتظاميه سان واسطيدار عملدارن کي به هدايت ڪئي ويئي آهي ته ،هو مذڪوره فيصلي تي سختي سان عمل ڪرائين. هاڻ ڏسجي ته ، ان تي ڪيترو عمل ڪيو وڃي ٿو يا ٽال مٽول ڪئي ويندي. بهانا ۽ من گهڙت سبب پيش ڪري ، جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جيئن ماضي ۾ به ڪيترن ئي معاملن ۾ ڪيو ويو آهي.

عدالت سڳوري جو هي فيصلو انتهائي ساراهه ۽ واکاڻ جوڳو آهي. اسان ، هن فيصلي کي اهم ۽ شاندار سمجهون ٿا. اهو فيصلو سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ننگرپارڪر ڪيو آهي. جڏهن ته ٻئي طرف تازو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان به هڪ تاريخي فيصلو ڏنو آهي. هن ڪورٽ جي وڪيل جي زباني استدعا تي ، چيف جسٽس ، بيان ڪيل جبل جي ڪٽائي کي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ پڇيو آهي ته ، ڪارونجهر جبل ڪير ڪاٽي رهيو آهي؟.

ياد رهي ته ، ڪارونجهر جبل سنڌ جي سونهن آهي. ان جبل جي ڪري ٿر جي اهميت وڌي ٿي. اهو ٿر ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. اهو جبل قومي ورثو ، دولت ، ملڪيت ۽ سرمايو آهي. ان سان گڏو گڏ ان کي هڪ تاريخي ماڳ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. جيڪڏهن ان ورثي کي هٽايو ۽ مٽايو ويو ته پوءِ اتي گهمندڙ سياح ڪونه ايندا. جنهن ڪري ان تاريخي ماڳ جي حيثيت گهٽجي بلڪه ختم ٿي ويندي. پوءِ ، اهو وڏو نقصان سمجهيو ويندو. جنهن جو ڪڏهن به ازالو ٿي ڪونه سگهندو. هاڻ ، اهو ضروري آهي ته ، ان نقصان کان بچڻ لاءِ هن وقت کان وٺي اک پٽڻ گهرجي ۽ عدالت جي ڏنل تاريخي فيصلي تي عمل ڪرائي ڪارونجهر جي اوچي ڳاٽ هيٺ ڪرڻ کان بچايو وڃي. سنڌ جي سياحت کاتي جي عملدارن جون اکيون بند آهن. اهي غفلت جي ننڊ ۾ ستل آهن. ايئن ٿو سمجهه ۾ اچي ته ، اهو کاتو صرف ڪاغذن ۾ آهي. باقي عملي ڪم ڪٿي به ڪونه ٿو ڪري. عملو، گهر ويٺي سرڪاري خزاني مان پگهار کڻي رهيو آهي. هاڻ، اها وقت جي ضروري آهي ته ، هو مٿئين فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ، ڪوششون وٺن. ڄاڻايل جبل کي تباهي کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀائين. پنهنجي فرضن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪن. ايئن ڪرڻ سان هن تاريخي ۽ سياحتي ماڳ کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو ۽ سنڌ واسين کي ٿر ۽ ڪارونجهر جي گهمڻ جا وجهه ۽ موقعا ملي سگهن ٿا.

ترقي يافته قومون پنهنجي تاريخي ماڳن کي پنهنجو ورثو سمجهنديون آهن. انهن جي حفاظت به ترجيحي بنيادن تي ڪنديون رهن ٿيون. جنهن سان اهو ورثو حفاظت ۾ رهي ٿو ۽ تباهي کان بچيو وڃي. انهن هنڌن تي هر سال لکين ماڻهو وڃي تفريح ڪندا آهن ۽ خوشين جا جشن ملهائيندا آهن. جنهن ڪري اتان جي ڪاروبار ۾ به اضافو ٿيندو رهندو آهي. ڪافي ماڻهن کي روزگار به مليو وڃي. پر، هتي قصو ان جي برعڪس ۽ ابتو نظر اچي ٿو. سنڌ ڌرتي تي جيڪا قدرتي سونهن آهي تنهن کي هٿ وٺي هٽائي ۽ ضايع ڪري رهيا آهيون. قبضا مافيا چند سالن ۾ ڏاڍي مضبوط ٿي آهي. جيڪا ڪنهن به قومي ورثي جو قدر ڪونه ٿي ڪري. انهيءَ ظالم مافيا کي ڪو به رحم ڪونه ٿو اچي. جنهن ڪري اسان تي فرض ٿو عائد ٿئي ته ، ان مافيا جي خلاف رستي روڪ ڪريون. کين اڳتي وڌڻ نه ڏيون. پنهنجي تاريخي ماڳن جي حفاظت پاڻ ڪريون ته جيئن اهي ماڳ تباهي کان بچائي سگهون. اها حقيقت آهي ته ، اهي ماڳ اسان جي سڃاڻپ آهن. جن مان اسان جي تهذيب جي خبر پوي ٿي. اسان جي شاندار ماضي متعلق ڄاڻ ملي ٿي. اهڙن ماڳن جو قدر ڪرڻ ضروري آهي. اهڙي ورثي کي محفوظ ڪري. ايندڙ نسل جي هٿن تائين پهچايون. ته جيئن ايندڙ ٽهي کي به ان متعلق ڄاڻ ملي سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.