حڪومت 2022 جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي ؟

تحرير؛زاهد حسين

هي سال ڀلا ڪير ياد رکڻ چاهيندو، ڪجهه به ته ٺيڪ نه ٿيو .هٿن پيرن کان وانجهيل حڪومت گهوٽالن جا ٿڦڙ کائيندي رهي،جيتوڻيڪ حڪومت بدترين معاشي حالت ۾ وڏي حد تائين  پنهنجو سياسي ميدان وڃائڻ باوجود پاڻ کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ته ٿي وئي.پر نئين سال ۾ ان کان به وڌيڪ ڪڙو وقت سر تي  اچي سگهي ٿو. جنهن شي تي حڪومت بيٺل هئي،اها اڳي ئي ڪمزور ٿي چڪي آهي.هت ڳڻتي جو سبب رڳو پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جون ڏکيايون نه  آهن.بلڪه ايندڙ وقت ۾ ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجز به آهن.

پي ٽي آءِ حڪومت جي لاءِ نيئن سال جي شروعات ترميمي مالياتي بل يا مني بجيٽ جي معاملي سان ٿيندي،جنهن کي اٽحادين جي وڌندڙ اختلافن جي پاڇولي ۾ منظور ڪرائڻو پوندو.آءِ ايم ايف جي ّشرطن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کنيل غير مقبول ۽ انتهائي تڪراري مالياتي قدمن جو سياسي منظر نامي تي گهرو اثر پوندو. اهو سڀ ڪجهه اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن حڪومتن جي پنهنجي حلقي ۾ڏار پئجي رهيا آهن. خيبر پختونخواهه ۾ تازين مڪاني ادارن جي چونڊن ۾حيران ڪندڙ شڪست اختلافن کي واضح ڪري ڇڏيا آهن،هن چونڊن جي شڪست اپوزيشن کي به  حوصلو ڏنو آهي،جيڪا مالياتي بل کي روڪڻ جي لاءِ متحد  نظر اچي رهي آهي. بي شڪ  حڪومت جي لاءِ پارليامينٽ ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻ جو هي سڀني کان وڏو امتحان هوندو. جيڪڏهن بل منظور نٿو ٿئي ته حڪومت جون ڪمزوريون وڌيڪ پڌريون ٿي سامهون  اچي وينديون، ايتري تائين جو حڪومت پارليامينٽ مان بل منظور ڪرائي به وٺي ٿي، ته به ٽيڪس کان ڳنڍيل قدمن جا سنگين اقتصادي نتيجا عوامي ڪاوڙ کي وڌيڪ وڌائيندا ،جيڪا مهانگائي جي ڪري اڳي ئي پنهنجي عروج تي آهي.

اطلاعن مطابق حڪومت جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن ۾ وڇوٽي وڌي رهي آهي، جنهن جي ڪري ان جي پريشانين ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن حڪومت کي هاءِبرڊ حڪومت سڏيو پي ويو اها خراب گورننس ۽ سول فوجي قيادت جي وچ ۾ تڪرارن جي ڪري اڳ ۾ ئي لوڏا  ڏئي رهي آهي. جيتوڻيڪ ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپن ٽٽڻ جو موڙ نه آيو آهي پر ڇڪتاڻ موجود آهي. آءِ ايس آءِ چيف جي مقرري تي پيدا ٿيندڙ تڪرار لاڳاپن ۾ ڪوڙاڻ گهوٽي ڇڏي آهي، اهو معاملو ڀلي حل ٿي چڪو آهي، پر ان نظام جي اندر موجود طاقت جي ازلي عدم توازن کي چٽو ڪري ڇڏيو آهي، سوال اهو ٿو پيادا ٿئي ته آيا سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ حڪومت کي مشڪل مان ڪڍڻ سياسي انتظام ۾ مداخلت جو سلسلو جاري رکندي يا نه ؟ ممڪن اهي ته اها حڪومت کي پنهنجي ويڙهه پاڻ وڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏي. يقينن 2022 ۾ اهو وزيراعظم عمران خان جي لاءِ وڏو امتحان هجي.

خيبر پختونخواه ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو ۽ پنجاب ۾ انهن چونڊن جو اهم ترين مرحلو پڻ ايندڙ سال جي ابتدا ۾ شروع ٿئي، بهرحال حڪومت پاڻ کي هڪ سياسي ڪن ۾ ڦاٿل محسوس ڪري رهي آهي. جتي اندروني اختلافن جي ڪري  پي ٽي آءِ خيبر پختونخواهه ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءِ بهتر بڻائڻ  کان لاچار رهي اتي  پنجاب جي چونڊن ۾ ته ان کان به وڌيڪ مايوس ڪندڙ نتيجن جو خطرو ٿي سگهي ٿو.

اها ڳالهه ته پڌري پئي آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجو گهڻو تڻو ميدان  ملڪ جي سڀني کان وڏي طاقتور ترين صوبي ۾ پنهنجي ناقص ڪارڪردگيءِ جي ڪري وڃائي ويٺي آهي.ان هوندي به وزيراعظم جو پنهنجي چونڊيل وڏي وزير تي اڃان به مڪمل اعتماد قائم آهي. پارٽي جي نئين تنظيم سازي سان صورتحال ۾ تبديلي  جي وڌيڪ اميد نٿي رکي سگهجي. ان کانسواءِ وڌندڙ مهانگائي پارٽي جي  گهٽجندڙ مقبوليت کي وڌيڪ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي..عام چونڊن کان رڳو 18 مهينا اڳ پنجاب ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن وارين چونڊن سان پارٽي جي اعتماد کي وڌيڪ ڌڪ پهچي سگهي ٿو. داخلي اختلاف ۽ لوڏا اڳ ۾ ئي سسندڙ سياسي ميدان کي وڌيڪ متاثر ڪري سگهن ٿا. خيبر پختونخواه ۽ پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جا نتيجا ايندڙ سال ۾  ملڪ جي سياست جو نقشو چٽڻ جي لاءِ ڪافي هوندا. ڪئين داخلي ۽ ٻاهرين سيڪورٽي جي خطرن ۾ ورتل هن ملڪ جي لاءِ سياسي عدم استحڪام ۽ اقتصادي بحران سڀني کان سنگين مسئلن جا سبب بڻيل آهن.

پرڏيهي پاليسي جي معاملي ۾ عمران خان جي حڪومت هميشه کان ڪمزور نظر اچي ٿي. مقبول بيانيئي کي سنجيده سفارتڪاري جي متبادل جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو. ذاتي سببن جي بنياد تي دنيا جي اهم ترين راڄڌانين جي دورن تي وڃڻ ۾ وزير اعظم جي نٽائڻ  اسان جي سفارتي رسائي کي ڪافي گهڻو متاثر ڪيو آهي. افغانستان مان آمريڪي نيڪالي کانپوءِ جيو پوليٽڪس ۾ ايندر غير معمولي  تبديلين ۽ جنگ ورتل ملڪ ۾ طالبان حڪومت جي واپسي جي ڪري ايندڙ سال پاڪستاني حڪومت کي  پرڏيهي پاليسي ۽ سيڪيورٽي مسئلن  جي ڪري زبردست چيلئنجز کي منهن ڏيڻو پوندو. افغانستان مٿان نظر ايندڙ اقتصادي زوال جا خطرا ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ انساني بحران جي بد ترين صورتحال جا پاڪستان تي سڌا اثر پوندا. اسان جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ پريشاني جو سبب سيڪيورٽي سان ڳنڍيل مسئلا هوندا. سرحد پار افغان سر زمين تي موجود تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جون پناگاهون پاڪستان جي لاءِ سيڪيورٽي خطرن جو سبب بڻيل آهن. بندش پيل دهشتگرد تنظيم جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار بعد پڻ افغان طالبان جي پاران  انهن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ ڳڻتي جوڳو امر آهي. ايئن لڳي ٿو ته افغانستان ۾ قدامت پسند حڪومت  جي واپسي سان سرحد جي هن پاسي موجود پنهنجن ٺڪاڻن مان ڪارروائي ڪندڙ دهشتگرد گروهن کي قوت ملي آهي. تازو ڪجهه مهينن کان پاڪستان سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ واڌ آئي آهي. افغانستان ۾ غير يقيني صورتحال ايندڙ سال وڌيڪ ابتر ئي ٿيندي.

پر اها ڳالهه ته طئي آهي ته ملڪ جي لاءِ مذهب تي پُرتشدد انتها پسندي ئي سڀني کان وڏو ڏچو هوندو، سال جي آخري ڏينهن ۾ سول ۽ فوجي قيادت هڪ اهڙي نيشنل سيڪيورٽي پاليسي منظور ڪئي آهي. جيڪا حڪومت جي مطابق افغانستان جي صورتحال سميت اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي سمورن پاسن جو احاطو ڪندي. جيتوڻيڪ پاليسي جو دستاويز عوامي سطح تي جاري نه ڪيو ويو آهي، پر چيو پيو وڃي ته ان ۾ ” ايندڙ سال پاڪستان کي پيش ايندڙ چئليجز ۽ موقعن“ کي واضح ڪيو ويو آهي. حڪومت جي بقول ان پاليسي جي تحت ”اقتصادي سيڪيورٽي کي ترجيحي پاليسي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي“ يقينن قومي سلامتي جي معاملي ۾   گڏيل عمل جي ضرورت تي ڪا ٻي راءِ نه آهي ۽ بنا شڪ ملڪي سيڪيورٽي جو دارومدار اقتصادي سيڪيورٽي تي آهي. پر اهم مسئلو اهو آهي ته ان پاليسي جي روشني ۾ عمل ڪهڙي طرح ڪيو ويندو. اقتصادي آزادي ۽ پنهنجون گهرجون  پاڻ پوريون ڪرڻ جي لاءِ صلاحيت پيدا ڪرڻ جي لاءِ وزن گهربل هوندو آهي. جيڪو اسان وٽ نه آهي. ان ڪري اسان جي سيڪيورٽي ڪمزورين جو شڪار آهي.  ان کانسواءِ جيئن مٿي بيان ڪيل آهي. ته پرتشدد انتها پسندي ئي اندروني سيڪيورٽي جي لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي.پر حڪومت جي خوشامدي واري پاليسي انتها پسندي جي پکڙڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. سڀني کان اهم ڳالهه اها اهي ته  ملڪ کي اسان جي سيڪيورٽي بڻائڻ جي لاءِ سياسي استحڪام گهربل  آهي. هاڻي ڏسڻو اهو اهي ته حڪومت ڪهڙي طرح سان ايندڙ سال پيش ايندڙ انهن غير معمولي چئليجز کي منهن ٿي ڏئي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.