سوشل ميڊيا ڪارنر

نظم

نئين سال جي آجيان

آسمان ڪڏهن سرمائي

ڪڏھن نيرو ٿيو وڃي

بادل گهرا اڃا گهرا

ٿيندا وڃن ٿا

گل فطرت جي سڀني رنگن جو

لباس پهريون

محبت جو اهو گيت ڳائن ٿا

جيڪي حضرت سليمان جي

گيتن کان پهريون

ڳائيو ويو هو

فضائن ۾ ٻيجل جا سر

وکري وڃن ٿا

سج ڌنڌلن پهاڙن پويان

لهي رهيو آ

پکي جي اک ۾

سارو منظر

اڏامي ٿو وڃي

يادن ڄي ديس ۾

رڳو اداسي آھي

پاڻي ۾ اسان جا ٻه پاڇا

يڪدم هڪ ٿي وڃن ٿا

نئين سال جي آجيان لاء

 منهنجي اک مان ڪريل ڳوڙهو

تنهنجي مک تي وکري ٿو وڃي ….

 

سنڌو پيرزادو

 

نظم الوداع

اڄ سال جو

آخري ڏينهن آھي

مان سوچيان ٿي

سال به جيون جا

دوست هوندا آھن

جن سان ملبو کلبو رئبو وڇڙبو آھي

هي سال به

وڇڙي رهيو آ

ڄڻ ڪنهن دوست جو

هٿ هٿن مان کسڪي رهيو آ

 ايئن هر طرف اُداسي

 پکڙجي وئي آھي

  الوداع

اي دوست

الوداع

تون منهنجي ياد جي

ڪيلنڊر مان

ڪڏھن جدا نه ٿيندين….

الوداع…..

(31 ڊسمبر 2021 تي لکيل)

افشان سحر

آءٌ نه گڏيس پرينءَ کي، تون ٿو لهين…سج

لطيف سائين جي چواڻي ته ”آءُ نه گڏيس پرينءَ کي تون ٿو لهين سج “ . ازل کان وٺي ابد تائين سج لهي ۽ اڀري ٿو،  الائي ڪيترا ئي نوان سال آيا ويا. زندگيءَ ۾ هر پل جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي ان ڪري ڀرپور ڪوشش ڪرڻ کپي ته اهڙي مختصر ۽ قليل زندگي ۾ يادگار ڪم ڪجي.اهڙو قلمي ۽ علمي ڪم ڪجي جنهن سان انسان کي دوام ملي. ان ڳالهه کي نظر ۾رکندي منهنجي لاءِ سال 2021ع پڙهڻ، پڙهائڻ، لکڻ ۽ سکڻ جو سال رهيو. مون ڪجهه ڪتابن جو مشاهدو ڪري انهن تي تبصرا لکيا. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ”حاضر جوابي“ جهڙي موضوع تي ڪتابي صورت ۾ ڪم ڪيم.شاهه جي سسئي تي ”اول آخر آه هلڻ منهنجو هوت ڏي“ جهڙي موضوع تي جديد انداز ۾ مقالو لکيو. جنهن ۾ مون هڪ اهم نقطي تي قلم کنيو آهي سنڌ جي وڏي ڏاهي تعليم دان علامه آءِ آءِ قاضي چيو ته سر سهڻي ڀٽائي جي فڪر جي پرواز آهي پر مان ڀانيان ٿو ته سر سسئي لطيف سائين جو فڪر جو معراج آهيپوڙهي ٿيءَ نه زمين جهونو ٿئي نه سج ٻنيءَ مٿان ٻج هاريندڙ هليا ويا.ستار سومرو

ستار سومرو

 

وزير ثقافت سيد سردار علي شاھ طرفان، مدد علي سنڌي مشھور تاريخ نويس يوسف شاھين کي گل دستو پيش ڪيو. ان موقعي تي سيد سردار شاهه جو پيغام پڻ يوسف شاھين کي ڏنو ويو، ته ثقافت کاتو ھر ممڪن طرح سان سار لھندو.

قمر آفتاب جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.