ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا تعليم کاتي ۾ نين ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ تعليم کاتي جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 11هين ۽ 12هين جماعت لاءِ 1200 انٽرنيز ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪميونٽي اسڪولن جي بنيادي تعليم ۽ انساني ترقي بابت قومي ڪميشن جا 4192 اسڪول آهن، سڀني اسڪولن ۾ 4425 استاد ۽ 236755 شاگرد آهن.
سنڌ ڪابينا استادن جي پگهارن لاءِ 663.75 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، فيصلو ڪيو ويو ته استادن کي ماهوار 25 هزار رپيا پگهار ڏني ويندي.
اهي سبجيڪٽ انٽرن 318 بوائز ۽ گرلز هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ مقرر ٿيندا، استاد ان وقت تائين ڪم ڪندا، جيستائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان مضمونن جي ماهرن جي مقرري ٿي وڃي.
سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو ته 240 فزڪس، 240 ڪيمسٽري، 120 رياضي، 120 بائيولاجي، 240 انگريزي، 60 پاڪستان اسٽڊيز، 60 اسلاميات، 60 سنڌي ۽ 60 اردو جا استاد ڀرتي ٿيندا، هر هڪ انٽرني کي 50 هزار ماهوار الائونس ڏنو ويندو.