چئُه! جو توکي چوڻو آ……

سنڌ ۾ استادن جي ڀرتين  جو  معاملو

سنڌ ۾ استادن جي شديد کوٽ رهي آهي شاگردن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو رهي ٿو .نوان اسڪول کُلن ٿا يا اپگريڊ ٿين ٿا پر اتي استادن جي کوٽ وڌندي رهي ٿي .پراڻن انگن اکرن موجب هن وقت سنڌ ۾ 46 هزار پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن جي کوٽ آهي هاير سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ 10 هزار استادن جي کوٽ آهي. لاڳتو استادن جو رٽائر ٿيڻ ،فوت ٿي وڃڻ يا ٻيا سبب وڌندا رهن ٿا. هن وقت شاگردن جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ هڪ لک استادن جي شديد کوٽ آهي پر سنڌ حڪومت پُراڻن انگن اکرن موجب 46 هزار استادن کي ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ آءِ بي اي معرفت ٽيسٽ ورتي آهي انهن ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استاد شامل هوندا هي عمل گذريل هڪ سال کان شروع ڪيو ويو درخواستن جو عمل انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ،ٽيسٽ ڪنڊڪٽ ڪرڻ ،انهن جا نتيجا ڏيڻ وارو عمل هن وقت پورو ٿي چڪو آهي نتيجا اچي چڪا آهن گورنمينٽ جي پاليسي ظاهر ٿي چڪي آهي پر اڃا تائين آءِ بي اي وارن يونين ڪائونسل ۽ تعلقه ليول تي ميرٽ لسٽ جاري نه ڪئي آهي جنهن سبب هزارين اميدوار پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار آهن ته سندن نالو ميرٽ لسٽ ۾ ايندو يا نه. هن وقت تائين دير جا ڪهڙا سبب آهن جڏهن رزلٽ جاري ٿي چڪو آهي ته ان ۾ هڪ ڏينهن دير ڪرڻ نه گھرجي .اهو آءِ بي اي وارن جي لاءِ هڪ سوال آهي ؟ جڏهن ته ٽيسٽ پيپرن ۾ غلطين بابت پڻ آءِ بي اي اڃا تائين ڪا وضاحت نه ڪئي آهي جنهن ڪري پڻ بيروزگار نوجوان پريشان آهن.

سنڌ ۾ ڪورونا وبا جي ڪري 2 سال پڙهائي جو عمل معطل ۽ سست رهيو جنهن ڪري شاگرد سخت پريشان ۽ مايوس رهيا خاص ڪري ٻهرڙاين ۾ تعليم جي صورتحال پوئتي ٿي وئي. ٻارن کان پڙهائي وارو ڪم به وسري ويو. هاڻي جڏهن ڪورونا کي به ڪافي مات اچي چڪي آهي ادارا رنوان دنوان آهن پڙهائي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي پر استادن جي لاڳيتي کوٽ تعليمي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ آهي هر مهيني سنڌ مان سوين استادن رٽائرمينٽ وٺن ٿا جنهن جو انگ وڌندو رهي ٿو اسڪول مڪمل طور تي استادن کان خالي ٿيندا وڃن ٿا شاگرد استادن جي نه هجڻ سبب سخت پريشان رهن ٿا ۽ ڪيترائي شاگرد پرائويٽ اسڪولن رخ ڪن ٿا تعليم جي صورتحال ڏاڍي ڳڻتي جوڳي آهي جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب استادن جي کوٽ آهي. ان ڏس ۾ تعليم واري صوبائي وزير  سيد سردار احمد شاھ ۽ سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري جا تڪڙا قدم ساراھ جوڳا آهن ۽ خاص ڪري تعليم کاتو استادن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ وڏي دلچسپي وٺي رهيو آهي جيڪا ڳالهھ سڀاويڪ آهي استادن جا تڪڙا تڪڙا پروموشن هڪ سٺو عمل آهي پر تعليم کي ترقي ڏيارڻ اسڪولن ۾ سهولتون ڏيڻ استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جيڪڏهن هن عمل ۾ سستي ڪئي وئي ته هي سال به شاگردن کان هليو ويندو ۽ سمجھبو ائين ته اڃا ڄڻ ڪورونا هلي ٿي پئي. هڪ سٺو عمل ٿي چڪو آهي. هي مينڊئٽ سنڌ گورنمينٽ ڏانهن وڃي ٿو جيڪو هڪ وڏو تاريخي عمل آهي جنهن ۾ سنڌ جي 46 هزار بيروزگارن کي نوڪري ملي پئي هي رڪارڊ جي ڳالهھ آهي جنهن ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو جو پوري تاريخ ۾ هڪ ئي وقت ايڏي وڏي پئماني تي نوجوانن کي ميرٽ تي روزگار ملي پر هن عمل ۾ تاخير يا سستي تمام خراب ڪم آهي جيڪو به ڪري ٿو ۽ رڪاوٽون وجھي ٿو ان کان پڇاڻو ڪيو ويندو.ڇو ته سنڌ جي تعليم گھڻو پوئتي پيل آهي ۽ تعليمي شرح ٽنهي صوبن کان گھٽ آهي ان جا ڪيترائي سبب آهن ان ذميدار اسين سڀ آهيون جنهن ۾ استاد والدين ۽ حڪومت شامل آهن جيڪڏهن اهي ٽئي پلر مضبوط ۽ ڪم وارا هجن ته پوءِ سنڌ جي تعليم ترقي ڪندي سنڌ ۾ خاص ڪري پرائمري تعليم ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي اڃا تائين ڪافي اسڪول بند آهن جنهن جو سبب استادن جي کوٽ آهي هاير سيڪنڊري اسڪولن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن جي سخت کوٽ آهي، لڳ ڀڳ 200 سئو کان وڌيڪ هاير سيڪنڊري اسڪول قائم آهن ۽ هڪ سئو نوان هاءِ اسڪول اپ گريڊ ٿي هاير سيڪنڊري اسڪول ٿيندا جن جي سمري وزير اعليٰ سنڌ وٽ موجود آهي هاير سيڪنڊري اسڪولن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 8 هزار استادن جي ضرورت موجود آهي هن وقت 2 هزار استادن جون جايون  خالي پيل آهن پر گورنمينٽ جو هن طرف ڌيان گھٽ آهي هاير سيڪنڊري اسڪولن ۾ غريب ،بي پهچ ۽ مڊل ڪلاس شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ ڪاليجن کان وڌيڪ شاگرد هاير سيڪنڊري اسڪولن ۾ داخلا وٺن ٿا ان جو سبب اهو به آهي ته هڪ ته شاگرد ان اسڪول مان ميٽرڪ ڪن ٿا ٻيو ته اهو اسڪول سندن گھر جي ويجھو آهي پر اتي ايس ايس استادن جي شديد کوٽ آهي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙو ادارو ڪرپشن جي ور چڙهي بند پيل آهي جيڪو کُلڻ گھرجي تبديلي اچڻ گھرجي ۽ نوان ايس ايس ۽ ليڪچرر ڀرتي ڪيا وڃن هڪ پاسي بيروزگاري کي ٻنجو ايندو ٻئي طرف سنڌ جي تعليم ترقي ڪندي هن وقت سخت ضرورت آهي سڀ کان اول 46 هزار استاد ڀرتي ڪيا وڃن ميرٽ لسٽون ظاهر ڪيون وڃن گھٽ ۾گھٽ هڪ مهيني اندر هي عمل مڪمل ڪيو وڃي ته اهي نوجوان ذهين استاد اسڪولن ۾ وڃي شاگردن کي تعليم ڏين ته جئين انهن جو مستقبل روشن ٿي سگھي.

عبدالسميع ڀنڀرو/خيرپور

احساس ڪفالت سينٽر يان احساس ذلالت سينٽر؟

ملڪ جي غريب بي پهچ مسڪين عورتن کي احساس ڪفالت جي نالي جيڪو وظيفو ڏنو پيو وڃي انهن احساس ڪفالت سينٽرن ۾ عورتن جي وظيفي مان اتي مقرر ايجنٽ جيڪي ڪٽوتي ڪن ٿا، اها ته هڪ عام ڳالھه ٿي وئي آھي ۽ پئسن مان ڪٽوتي هرهڪ سينٽر تي باقائدگي سان ڪئي پئي وڃي ۽ انهن ايجنٽن سان پوليس انتظاميه به ٻٽ بڻيل آھي پر انهن احساس ڪفالت سينٽرن تي جيڪا انهن مستحق عورتن کي ذلت برادشت ڪرڻي ٿي پئي اها هڪ ناقابل برداشت صورتحال آھي. انهن سينٽرن تي مستحق عورتون جيڪي تقريبن وڏي عمر واريون عورتون هجن ٿيون جن کي هيٺ پٽ تي ويهاريو ٿو وڃي جڏهن ته سينٽرن تي پاڻي جو به ڪو جوڳو بندوبست نه ٿو ڪيو وڃي ۽ رش ٿيڻ جي صورت ۾ ڊوائيس ايجنٽ ۽ پوليس وارا انهن عمر رسيده عورتن کي ڌڪا ڏيڻ کان به نه ٿا مڙن ۽ اسان جون ويچاريون غربت جون ماريل عورتون جيڪي آھن ته امير سنڌ جو رهاڪو پر حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب اهي غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن ان ڪري مجبورن اهي پيسا وٺڻ اهڙن احساس ڪفالت عرف احساس ذلالت سينٽرن تي اچن ٿيون ۽ اتي موجود عملو کين هيٺ پٽ تي ويهاري ۽ ڌڪا ڏئي سندن تذليل ڪري ٿو پر هو ويچاريون مجبور سڀ ڪجھه سهن ٿيون ان سلسلي ۾ ضلعي نوشھروفيروز جي مختلف احساس ڪفالت سينٽرن تي پڻ عورتن جي وظيفي مان ڪٽوتي ۽ سندن سان اهڙي غلط ورتاءُ جون شڪايتون پڻ مليون هيون ۽ اهي شڪايتون چونڊيل نماڏندن سميت وڏن آفيسرن تائين پڻ پهتيون هيون پر احساس ڪفالت سينٽرن تي مقرر ايجنٽ ايترا ته بااثر آھن جو کين ڪير به ڪجهھ نه ٿو چئي اهي ايجنٽ سرعام ڪٽوتي سميت امڙين جي بيحرمتي ڪندي الله پاڪ کان به نه ٿا ڊڄن ۽ وري جيڪڏهن ڪو انهن جي ان ڪيل ڪرتوتن جي ڪهاڻي لکي ٿو ته ان جي خلاف به ڪات ڪهڙا کڻي موتمار ڌمڪيون ۽ خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي به دير ڪونه ٿا ڪن ان جي لاءِ منهنجي وزيراعظم عمران خان,احساس ڪفالت جي اعلي عملدارن کي صلاح آھي ته اهي عورتن کي وظيفو ڏيڻ جو هي طريقو ختم ڪري جيئن اڳ پاڪستان پوسٽ آفيس وسيلي ڏيندا هيا اهوئي ساڳيو طريقو لاڳو ڪري سڀني مستحق عورتن کي گهر ويٺي پيسا موڪلين ته جيئن اسان جون اهي امڙيون ڀينرون اهڙي ذلت کان بچي پون نه ته اڳتي هلي انهن احساس ڪفالت سينٽرن جو نالو احساس ذلالت سينٽر پئجي ويندو .

محمد خالد ميمڻ/ڦل شھر

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.