ڇا اسان مزدور صرف ھڪ ڏينھن لاءِ سڃاتا وڃون ٿا

تحرير: جبران دانش کوسو

اسان جي معاشري ۾ مزدورن کي وڏي پئماني تي نظر انداز ڪيو ويندو  آهي. اسان ڀائيندا آهيون ٿا ته اسان ھنن جي ضرورت آھيون! پر ايئن ناھي اسان مزدورن جي ضرورت نه بلڪه مزدور اسان جي ضرورت آھن! انھيءَ جو اھم ڪارڻ سندن پنھنجي پيشي سان سچائي ۽ ايمانداري آھي. مزدوري دنيا جو اھو واحد پيشو آھي جيڪو پنھنجي ڪم کان بائيڪاٽ ڪري ته دنيا جو ھي ھلندڙ چرخو ئي بند ٿي وڃي! اھو مزدور ئي آھي جيڪو وڏا وڏا بنگلا ٿو ٺاھي پر ڇا ھو پاڻ بنگلن ۾ رھي ٿو؟ نه ھو ھڪ ڪکاڻي گھر ۾ رھائش پزير ھوندو آ!

اھو مزدور ئي آھي جيڪو وڏيون وڏيون اسپتالون ٿو ٺاھي پر ڇا انھن اسپتالن ۾ مزدورن کي فائدو ملي ٿو! ھاڻي اچون ٿا اسڪولن ڏي ته ظاھري ڳالهه آ اھو به مزدور ئي ٺاھيندو آھي پر افسوس انھن مزدورن جا ٻار ئي تعليم لاءِ واجھائيندا آھن! ڇا مزدورن جا ٻار  تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن؟ ڇا اھو لازمي آهي ته  مزدورن جا ٻار به مزدور ٿين؟

اسان جي معاشري ۾ فقط مزدور ئي ته آھن جيڪي ڪرپشن کان پاڪ ۽ حق حلال جي روزي ڪرڻ وارا آھن. تنھنڪري ته اسان جي نبي پاڪ صلي الله  عليه وآله وسلم فرمايو: ته پورھيت الله جو دوست آھي. انھيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پورھيت جو الله وٽ ڪيترو مقام آھي !

پر شايد اسان کي اھا خبر ناھي ته ھن مھانگائي واري دور ۾ مزدور جو گذر سفر يا ھو پنھنجي زندگي ڪيئن ٿو بسر ڪري؟  400/500 ۾ سندس گھر ڪيئن ٿو ھلي؟ ۽ اسين انھن جي پرگھور ڪيئن ٿا لھون؟

تڏھن ته شيخ اياز چيو آھي:

سدا آھي ساھ کي ڳڀي جي ڳولا

ڍو بنا ڍولا ناھي ساڃاھ سونھن جي.

﴿شيخ اياز﴾

ھن معاشري ۾ مزدورن لاءِ فقط ھڪ ڏينھن يعني پھرين مئي مخصوص ڪيو ويو آهي! پر جڏھن اسان انھن جي اھميت کي ڄاتو ته ھر ڏينھن مزدورن جو ڏينھن ھوندو!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.