ڪراچي 13 ورهين جي نينگري مبينا طور گهٽا ڏئي قتل

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون نمبر 14 ۾ 13 ورهين جي نينگري کي مبينا طور تي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، نينگري  جو لاش عباسي شهيد اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ايس ايس پي سهائي ٽالپر  نينگري جي گهر پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا، پوليس ذريعن موجب شروعاتي جاچ مان پتو پيو آهي ته نينگري کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، جاچ ۾ سندس ڀائرن کي به شامل ڪيو ويو، جيڪي ڄمار ۾ نينگري کان ننڍا آهن، سندس هڪ ڀاءُ جو چوڻ آهي ته ڀيڻ کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، واقعي وقت سندس پيءُ گهر ۾ موجود نه هو، سندس امڙ گذريل سال فوت ٿي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.