گوگل ۽ ميٽا تي وڏو ڏنڊ

 

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي تخت گاهه ماسڪو جي هڪ عدالت گوگل تي هڪ سئو ملين ڊالر ۽ فيس بُڪ جي ملڪيتي ڪمپني ميٽا تي 47 ملين ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

تگانسڪي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته گوگل کي ڪيترائي ڀيرا پابندي پيل مواد هٽائڻ لاءِ چيو ويو پر ان ڪمپني ائين نه ڪيو.

گوگل ڪمپني اهڙي عدالتي فيصلي تي فوري طور ڪو ردعمل ظاهر ناهي ڪيو ۽ چيو آهي ته قانوني دستاويزن جو جائزو ورتو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ مستقبل جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

جمعي ڏينهن روسي عدالت ميٽا خلاف به پابندي پيل مواد نه هٽائڻ سبب ڏنڊ لاڳو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.