ڪڇان تـ ڪافر

تحيري : غلام مصطفيٰ هاشاماڻي جي پوسٽ

هي شيخ اياز جي 1963 ۾ نڪتل تصوير آهي هي اهو ئي زمانو هو جنهن ۾ شيخ اياز ڀٽائي جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو ڪيو هو‘۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جنهن ايوب خان کان اوارڊ ورتو ان جو اصرار هو ته لطيف جي عرس جي موقعي تي ايوب خان هٿان اياز کي ان ڪم عيوض لطيف ايوارڊ ملڻ کپي پر اياز، ايوب خان هٿان ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو .ان کانپوءِ جڏهن اسٽيج تي پهتو ته ايوب خان ساڻس هٿ ملايو‘ان ڳالهه جو اندازو تصوير کي ڏسي بخوبي لڳائي سگهجي ٿو جنهن ۾ ملڪ جو تڏهوڪو صدر ۽ آرمي چيف ايوب خان ساڻس جهڪي هٿ ملائي رهيو آهي!

هي 1965 واري پاڪ هند لڙائي کان ٺيڪ ٻه سال اڳ جي تصوير آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت ايوبي آمريت پنهنجي عروج تي هئي ۽ پوءِ اياز شعر پڙهڻ لاءِ مائيڪ ڏانهن وڌي ٿو ۽ ايوب هٿان ايوارڊ نه وٺڻ جو اعلان ڪندي پنهنجو تاريخي شعر پڙهيائين ته

منهنجو اگهھ پڇين ٿو آمر

منهنجا گيت ڳنهين سگهندين تون!

۽ ان کان پوءِ ايوبي آمريت پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا ۽ اياز ساهيوال جيل جي ديوارن پويان ويهي”ساهيوال جيل جي ڊائري” جهڙو ڪتاب لکيو!

هڪڙو شاعر جيڪو نه سياستدان هو نه ڪرمنل هو نه ئي ڪنهن ڏوھ ۾ مٿس ڪو ڪيس ئي داخل ٿيل هو پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته اياز آخر جيل ڇو ويو؟۽ ان جو آسان جواب اهو ئي آهي ته اها اياز جي شاعري ئي هئي جنهن کيس زندانن تائين پهچايو "ٿي تند وڙهي تلوارن سان” کان وٺي "مٽي ماٿي لايان مان” لکڻ تائين اياز اوچي ڳاٽ سان بيٺو رهيو ۽ بيٺو رهندو.

ڪجهھ شاھ ڏني ڪجهھ شيخ ڏني

هن سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو!

جتي ڇڱا ڀلا اديب حڪمرانن ڪامورن جي چاپلوسي ۾ پورا آهن هڪ َآمر سان اکين ۾ اکيون وجهي شيخ اياز جهڙو شاعر بيٺو ..(محسن جويو )

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.