ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ انقلاب، هاڻ ڪمپيوٽر انساني سوچ تي ڪم ڪندا 

ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ روز جدت ايندي پئي وڃي دنيا ننڍڙي ٿي انسان جي هٿ ۾ اچي وئي آهي، هاڻ ان کان وڌيڪ اڃا ڇا ٿو ٿي سگھي جو ڪجهه چوڻ يا لکڻ بدران رڳو سوچڻ تي ئي ڪمپيوٽر اسان جو گھربل ڪم شروع ڪري ڇڏيندو.

ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ اهڙو انقلابي اچڻ وارو آهي جنهن کان پوءِ انساني دماغ ۽ ڪمپيوٽر پاڻ ۾ رابطو رکي سگھندا ۽ اسان جي سوچڻ سان ئي ڪم شروع ٿي ويندو.

هڪ  رپورٽ موجب عالمي ارب پتي صنعتڪار ايلن مسڪ دعويٰ ڪئي آهي ته هن جي ڪمپني ”نيورالنڪ“  نالي هڪ چپ هڪ سال جي اندر انساني دماغ ۾ لڳائيندي جنهن کان پوءِ دماغ ۽ چپ هڪ ٻئي سان سلهاڙجي سواءِ ڪنهن ڪمانڊ وٺڻ جي رڳو سوچڻ سان ئي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا.

علامتی تصویر

رپورٽ موجب نيورالنڪ هڪ اهڙو نيورل امپلانٽ تيار ڪيو آهي جيڪو سواءِ ڪنهن ٻاهرين هارڊويئر جي دماغ جي اندر هلي سرگرمي کي ويئرليس سان براڊ ڪاسٽ ڪري سگھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.