ون يونٽ ٽٽڻ کي اڌ صدي گذري وئي، گولڊن جوبلي ملهائڻ جو اعلان

حيدرآباد: ون يونٽ ٽڻڻ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ گولڊن جوبلي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو، پروفيسر اعجاز قريشي، پروفيسر يعقوب چانڊيون ۽ ٻين حيدرآباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ون يونٽ ٽٽڻ جي ڪاميابي سنڌي ماڻهن ۾ نئون جذبو ۽ نئين اتساهه پيدا ڪرڻ سان گڏ حڪمرانن جي اندر ۾ وَڍَ وڌا.صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته سنڌ جي پاڻي ۽ قدرتي وسيلن تي قبضن سميت ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ دشمنن منصوبن سميت مختلف هربا هلائي سنڌ تي بالادستي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ واسي پنهنجي ڌرتي ۽ حقن جي لاءِ ميدان ۾ آهن پر ون يونٽ ٽوڙ هڪ اهڙي تحريڪ هئي، جنهن واضح طور حڪمرانن کي شڪست ڏني، اڄ به سنڌ کي اهڙي تحريڪ جي ضرورت آهي.هنن جو چوڻ هو ته ون يونٽ ٽڻڻ کي 2020 ۾ 50 سال مڪمل ٿيا پر ڪورونا وبا جي ڪري دنيا سان گڏ اسان کي به پنهنجا پروگرام ۽ منصوبا پوئتي ڪرڻا پيا، اڳواڻن سنڌ جي سڀني سياسي سماجي ڌرين کي اپيل ڪندي چيو ته اسان سڀ گڏجي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ون يونٽ ٽٽڻ واري تحريڪ کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي گولڊن جوبلي طور هڪ وڏو حقيقي معنى ۾ قومي رنگ وارو پروگرام ڪنداسين سموريون ڌريون پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.