آءِ ايم ايف سان ڊيل مريضن لاءِ به عذاب، 100 واري دوا 500 رپيا ٿي ويندي!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فارماسوٽيڪل مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن دوائن جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي واڌ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.

پاڪستان فارماسوٽيڪل مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جي صدر قاضي منصور پريس ڪانفرنس ڪندي دوائن جي اگهن ۾ 400 سيڪڙو واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو ۽ چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جي دٻاءَ ۾ سيلز ٽيڪس لاڳو ڪري رهي آهي ۽ دوائن جي ڪچي مال جي درآمد تي سيلز ٽيڪس لڳائي رهي آهي، جنهن سان دوائن جي پيداواري لاڳت ۾ واڌ ٿيندي.

هن چيو ته ڪچي مال تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ سان دوائون مهانگيون ٿينديون ۽ سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيڻ سان 100 رپين واري دوا 500 رپين جي ٿي ويندي.

پاڪستان فارماسوٽيڪل مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جي صدر درخواست ڪئي ته ڪچي مال جي درآمد تي سيلز ٽيڪس نه لڳايو وڃي، پيداواري لاڳت وڌڻ سان دوائون ٺاهڻ ڏکيو ٿي ويندو ۽ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو بار عوام تي پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.