ڪلوئي، ڪنڌڪوٽ، ڳڙهي ياسين ۽ ڏيپلي ۾ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

سنڌ جي مختلف شهرن ڪلوئي، ڪنڌڪوٽ، ڳڙهي ياسين ۽ ڏيپلو ۾ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

ڪلوئي ڀرسان گورنمينٽ پرائمري مڊل اسڪول محمد خان لنڊ ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس پهري شرڪت ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو جڏهن ته شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي.

ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ۾  ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ پريصس ڪلب جي صدر علي حسن ملڪ، جرنل سيڪريٽري لياقت کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ڳڙهي ياسين ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان شاهين سنڌي ، شڪيل ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ڏيپلي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي صحافي برادري پاران الله والا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ ٻارڙن ۽ وڏن قومي لباس پهري شرڪت ڪئي ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ صوفين ۽ امن جي ڌرتي آهي، جيڪا هزارين سال قديم آهي، قومي ثقافتي ڏهاڙي عيد جيان ملهائي تمام گھڻي خوشي محسوس ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.