کهڙا: ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان موسيقي تقريب

کهڙا ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پبلڪ پارڪ ۾موسيقي جي شاندار  تقريب ڪوٺائي وئي.

ثقافتي تقريب ۾ شاعرن. اديبن. سياسي سماجي اڳواڻن صحافين ۽ شھرين شرڪت ڪئي.

ثقافتي تقريب ۾ مولانا اسد الله کهڙو. گسٽا اڳواڻ نورالدين پنهور. پ پ تعلقي گمبٽ جي صدر سيد لياقت علي شاه ۽ ٻين خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جڏهن ته سنڌ جي ناليوارن فنڪارن شاهنواز شر. انمول شهزادي ۽ يوسف جوڳي سرن جي ورکا ڪري خوب داد حاصل ڪيو.

ان موقعي تي مقررن جو چوڻ هو ته اڄ ثقافتي ڏهاڙي جي حُوالي سان گڏ ٿي تمام گھڻي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون، سنڌ ڌرتي سان سدائين محبت ڪندا رهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.