سنڌ ثقافت جي رنگن سان رڱجي وئي، ڪراچي کان ڪشمور تائين جشن

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين طرفان ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ماڻهو تاريخي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ريليون ڪڍيون ويون، جن ۾ وڏن توڙي ننڍن ڀرپور نموني شرڪت ڪري قديمي ۽ تاريخي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو.

ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، نواب شاهه، مٽياري، ڄام شوري، ٽنڊي محمد خان، ٺٽي، بدين، سجاول، دادو، نوشهري فيروز، ميرپورخاص، ٽنڊي الهيار سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرتيءَ ۽ ثقافت سان محبت رکندڙن ريليون ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، جنهن ۾ ننڍن توڙي وڏن ثقافتي لباس پهري شرڪت ڪئي.

ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي ۽ هر هنڌ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا رنگ نِکري پيا.

سنڌي ثقافتي ڏهاڙو نه رڳو سنڌ پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين طرفان ملهايو پيو وڃي ۽ ريلين، راڳ رنگ جي محفلن، مچ ڪچهرين، مشاعرن ذريعي سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪيو پيو وڃي، ان سان گڏوگڏ سنڌ سميت سڄي جهان ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ دعائون پڻ گهريون پيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.