سکر ۾ينگ نرسز جو ڌرڻو، او پي ڊي جو بائيڪاٽ

سکر( رپورٽر) ينگ نرسز جو احتجاج جاري، سول اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ، ڌرڻو. خبرموجب ينگ نرسز ايسوسيئيشن جي سڏ تي پوري سنڌ جيئان سکر ۾ ۾ سرورس اسٽرڪچر جي بحالي، هيلٿ پروفيشنل الائونس، ڪووڊ نرسز کي پڪو ڪرڻ سميت اسٽوڊنٽ نرسز جو وظيفو 25 هزار ڪرڻ لاءِ احتجاج ۽ اوپي ڊي بند ڪري ڪم ڇڏ هڙتال جاري آھي. سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ سول اسپتال جي نرسن پاران اسپتال ٻاهران 6 ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪندي ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ينگ نرسز ايسوسيئيشن جي صدر زاهد حسين چاچڙ، جنرل سيڪريٽري قربان سيال، سينيئر نائب صدر شميم اختر، عبدالخالق ميمڻ، گل حسن بلوچ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 2 سالن کان پروموشن لاءِ فائيل بند ڪيو ويو. حڪومت پاران پروموشن پاليسي تحت عمل نه پيو ٿئي گذريل ٻن سالن کان ايڊيشنل سيڪريٽري غلام برهماڻي سمري پاس نه پيو ڪري، هيلٿ پروفيشنل الائونس نڪتل هجڻ باوجود نه پيو ملي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.