کپري لڳ رڪشي سان حادثي سبب ڊرائيور فوت

کپرو (ت ر) کپرو ويجهو ڳوٺ ادريس گجو ۾  لوڊر رڪشا کي اسٽارٽ ڪرڻ دوران ايڪسيلٽر وڌيڪ اچڻ سبب بي قابو ٿي ٻٻر جي وڻ  سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ وڻ ۽ رڪشا وچ ۾ اچي  18 ورهين جو نوجوان رڪشا ڊرائيور اصغر ولد رمضان منڱريو فوت ٿي ويو فوتي جو مڙه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو .کپرو(رپورٽر) کپرو ويجهو رات دير سان ميرپورخاص روڊ تي فوڊ کاتي جي گدامن وٽ نامعلوم گاڏي موٽر سائيڪل سوار  پوليس اهلڪار کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو زخمي کي کپرو تعلقه اسپتال آندو جتي تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرن وڌيڪ زخم هئڻ سبب حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.