سنڌڙي ۾زرعي ڀاڻ جي دڪانن تي ڇاپا

سنڌڙي (رپورٽ : ڪاشف  علي شر) سنڌڙي تعلقي ۾ زرعي ڀاڻ دوائن جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو جون خبرون ميڊيا تي ھلڻ کان پوء  ڊپٽي ڊائريڪٽر  ايگريڪلچر ذوالفقار علي جاگيراڻي اسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد يوسف ڳاھو  اسسٽنٽ  ڊائريڪٽر  رميش ڪمار سنڌڙي تعلقي جي مختلف شھرن ڦلھڏيون  ھنڱورنو  سنڌڙي  ۽ ٻين شھرن ۾ ڇاپا ھڻي 12کان مٿي  دڪانن تان سمپل کڻي چڪاس لاء  ليبارٽي اماڻي چڏيا  انھي موقعي تي ھن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته بليڪ تي ۽   نقلي  زرعي دوا ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪندي 12 کان مٿي دڪانن تان سمپل ورتا   ھن چيو ته  بليڪ تي ڀاڻ ۽ دوا وڪرو ڪندڙ ن ڊيلرن جا لائيسنس رد ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.