ڌاٻيجي ويجهو هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ

ڌاٻيجي (ن ع آ ) ڌاٻيجي پمپ هاوس ڪالوني ڏانهن ويندڙ مسافرن تي پورهيتن تي ڦر دوران ڪار تي فائرنگ معجزاڻي طور علائقي واسي محفوظ پوليس چورن  جي ڳولا شروع ڪري ڏني نوٽس وٺڻ جو مطالبو خبر موجب ڌاٻيجي پمپ هاوس ڪالوني جي پورهيتن معشوق لغاري ،جعفر پاشا ،اصغر خان ۽ ٻين ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيندي چيو ته گذريل رات دير سان نامعلوم ڦورن پمپ هاوس روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين کان ڦر جي ڪوشش ڪئي ته ڪراچي کان واپسي تي پنهجي گهر پمپ ڪالوني ويندي نامعلوم ماڻھن ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي نه بيهڻ تي سيڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ڪار تي 2گوليون لڳڻ سبب ڪار ۾ ويٺل ماڻھو معجزاڻي طور تي محفوظ ٿي ڪري نڪري ويا هنن ايس ايس پي ٺٽو ايم ڊي واٽر بورڊ  ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي ڏوھن تي ٻنجو ڏئي ڪري علائقي واسين کي مشڪلاتن کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو انهي موقعي تي شاهد سومرو ۽ ٻيا موجود هئا يادر رهي ته سول ڊپارنمنٽ 72 جي مين لائن مٿان ننڊن علائقن کي روڊ رستا ڪڍي ڏنا آھين جنهن سبب جنگ مان ماڻھو اچي ڪري باآساني سان ڦر ڪري هليا ٿا وڃن ۽ انهن مين لائن مٿان ريتي بجري جا هيوي ڊمپر پڻ هلن ٿا جنهن سبب مين لائن هر روز ڦاٽڻ جو معمول بڻجي چڪي آھي.

  •  خيرپور ڀرسان شرپسند کجور سڪائڻ لاءِ رکيل ٽوئن تڏن کي باهه ڏئي ڇڏي

خيرپور( ڊ ر )خيرپور ڀرسان  اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ زميندار عبدالحڪيم ڦلپوٽي جي باغ ۾ رکيل کجور سڪائڻ لاءِ ٽوئن تڏا ، ڪاٺ کي باهه ڏئي آساني سان فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ زميندار عبدالحڪيم اخبارو وارن کي ٻڌايو ته اسان کي شڪ آهي ته مخالفن  غلام حسين ۽ امين ڦلپوٽي منهجي ٽوئن ۽ ڪاٺ کي باه لڳرائي آهي مان حد جي ٿاڻي تي جوابدارن خلاف اڳم ۾ اطلاع ڪيو هو پر پوليس ڪجهه به نه ڪيو آهي جنهن ڪري جوابدار منهجا ٽوئا ساڙي ويا آهن  هن مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪيووڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.