ميهڙ ۾ نوجوان جي قتل خلاف هاءِ وي تي ڌرڻو

ميهڙ (ن ع آ)3 ڏينهن اڳ ڳوٺ گنجا جي رھواسين ٻيٽو روڊ تي ڦر دوران مُزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو عباس چانڊيو قتل ۽ هڪ ڄڻوخالد حسين چانڊيو زخمي ٿي پيو هو مقتول ۽زخمي جي وارثن طرفان مختيار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سوين چانڊيا برادري جي ماڻهن طرفان انڊس هاءِ وي  روڊ اٽڪ پمپ ڀرسان ڌرڻو هنيو ويو آهي ڌرڻي سبب هاءِ وي تي ٻنهي طرفن کان سوين جي تعداد ۾ ايندڙ گاڏيون بيهي ويون آهن جڏهن ته ڌرڻي سبب 5 ڪلاڪ سموري ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي وارثن طرفان هي موقف اختيار ڪيو ته ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي ميهڙ سان ھاڻي ٻيهر ڳالهيون ناهن ڪرڻيون ايس ايس دادو پاڻ اچي ۽ قاتل گرفتار ڪري اسين پوءِ ڌرڻو ختم ڪنداسين جڏهن ته ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او زاهد کوسو ۽ ڊي ايس پي ميھڙ ڳالهين لاءِ پهتا پر وارثن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ تائين نہ اٿڻ جو کتو جواب ڏنو جنهن بعد ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو سان رابطو ڪيو جنهن ته پ پ ايم اي سردار احمد پنهجي قافلي سان گڏ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاء مظاهرين سان ڳالهيون ڪيو جوابداري جي گرفتار ۽ انصاف جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.