عمري جي خواهشمندن لاءِ سُٺي خبر اچي وئي

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ڪورونا وائرس جي ڪري پهريون ڀيرو مارچ 2020 ۾ پابنديون لاڳو ڪيون هيون جيڪي هاڻي ترتيب وار ختم ڪيون پيون وڃن.

گذريل ڏينهن سعودي اختيارين اعلان ڪيو هو ته هاڻي عمر جي لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي قرنطينا واري شرط مان نه گذرڻو پوندو تنهن هوندي به اهو ضروري آهي ته سعودي عرب ۾ منظور ٿيل ويڪسين جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڊوز لڳل هجن.

سعودي عرب رڳو چئن ويڪسين جي استعمال جي منظوري ڏني آهي جن ۾ موڊرنا، فائزز بائيو اين تيڪ، جانسن اينڊ جانسن ۽ آڪسفورڊ جي ايسٽرا زينيڪا شامل آهن.

سعودي عرب جو چوڻ آهي ته سفري پابندين جي فهرست ۾ موجود ملڪن کانسواءِ سڄي دنيا جا شهري سِڌي ريت عمري جي لاءِ اچي سگهن ٿا جڏهن ته اهو به ضروري آهي ته انهن جي عمر 18 سال يا ان کان مٿي هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.