ٽوئيٽر هزارين اڪائونس بند ڪري ڇڏيا

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر 3 هزار کان وڌيڪ اڪائونٽس بند ڪري ڇڏيا.

ٽوئيٽر انتظاميا طرفان چيو ويو آهي ته ان 3 هزار کان وڌيڪ اڪائونٽس کي بند ڪري ڇڏيو آهي جيڪي رياست سان سلهاڙيل ڄاڻ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا هئا.

ڪمپني طرفان اهو به چيو ويو آهي ته هو پنهنجي پليٽ فارم تان گورننس جي مسئلن جو مطالعو ڪرڻ لاءِ 2022ع جي شروعات ۾ ماهرن تي ٻڌل هڪ رسرچ ڪنسورشيم شروع ڪندي.

ٽوئيٽر انتظاميا ٻڌايو ته بند ڪيل 3465 اڪائونٽس مان 2160 جو واسطو چين سان هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.