ڳڙهي ياسين: مقتول عرفان مهر جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

 

ڪراچي ۾ بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جو مڙهه ڳڙهي ياسين ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ کاهي مهر جي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مرحوم جي جنازي نماز ۾ سيشن جج شڪارپور مشتاق ڪلوڙ، وڪيل شبير شر، قربان ملاڻو سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز کان پوءِ وڪيلن ۽ ٻين پاران مقتول عرفان مهر جو لاش رکي ڌرڻو هڻي سندس قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.