شهدادڪوٽ: ملازمن پاران واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ڌرڻو

 

شهدادڪوٽ ۾ آل پاڪستان واپڊا هائڊرو ليبر يونين جي سڏ تي ملازمن پاران واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

آل پاڪستان واپڊا ھائڊرو ليبر يونين جي سڏ تي  ايوب بروهي، گدا جمالي، شاهنواز جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن پاران ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي ريلي ڪڍي واپڊا آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته واپڊا ملڪ جو اھم ادارو آهي جنهن جي ملازمن ملڪ ۽ قوم لاءِ جانين جا نذرانا ڏنا آهن، پر افسوس وفاقي حڪومت اداري جي نجڪاري ڪرڻ جو سوچي لکين ملازمن جي دل آزاري ڪئي آهي.

ھنن چيو ته نااھل حڪمران قومي ادارا وڪڻي ملڪ کي ڪنگال ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.