مٺي: مستحق خاندانن ۾ راشن ۽ روڪ رقم ورهائي وئي

مٺي ۾ سنڌ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مستحق خاندانن ۾ راشن ۽ روڪ رقم ورهائي وئي.

مٺي جي ايس ڊي او آفيس ۾ ضلعي انتظاميا ۽ جگسا جي سهڪار سان سنڌ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران ٿر جي 250 مستحق خاندانن ۾ راشن ۽ بيواھ عورتن ۾ ڏهه هزار روڪ رقم ورهائي وئي.

اُن موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي محمد نواز سوهو چيو ته خلق خدا جي خدمت ڪري ئي وڏو مان مرتبو ماڻي سگهجي ٿو، ٿر ۾ سولر پمپ لڳائي عوام کي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.