اومي ڪرون جا خطرا، سنڌ ۾ تعليم ادارا بند، اهم پابندين جا فيصلا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورنا وائرس جي نئين ويريئنٽ اومي ڪرون دنيا ۾ پريشاني وارو تاثر قائم ڪري ڇڏيو آهي، ڏکڻ آفريقا ۾ جنم وٺندڙ ان قسم جي وائرس سبب سڄي دنيا ۾ نئين قسم جي پابندين جا سلسلا جاري آهي.

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هوائي اڏامون محدود ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان قسم جي وائرس جو توڙ اڃا تائين ناهي مليو، انڪري سموري دنيا ۾ في الحال احتياط کان ئي ڪم ورتو وڃي.

ڪورنا وائرس جي نئين ويريئنٽ اومي ڪرون جي حوالي سان سنڌ جي صحت کاتي کانپوءِ سنڌ حڪومت به اهم فيصلا ڪري ورتا آهن.

سنڌ حڪومت اومي ڪرون کي نظر ۾ رکندي ڳڻتي واري صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ئي اهم فيصلا ڪري ورتا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت اومي ڪرون جي امڪاني پکيڙ کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت ايندڙ عام مارڪيٽون صبح 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن اهو به چيو آهي ته ايندڙ سومر کان 15 جنوري 2022 تائين سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي سنڌ حڪومت طرفان سڀاڻي جمعي جي ڏينهن اجلاس کانپوءِ اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ان کان اڳ صحت کاتي طرفان ڪورونا وائرس جي نئين ويريئنٽ اومي ڪرون جي خدشي کي نظر ۾ رکندي هڪ هفتي اندر ڏکڻ آفريقا کان آيل مسافرن جا ٽيسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

ان حوالي سان سنڌ جي صحت کاتي موجب ايف آءِ اي کان هڪ هفتي ۾ ڏکڻ آفريقا کان ايندڙ مسافرن جا تفصيل ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.