تحريڪ انصاف شوڪت ترين کي سينيٽ جي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين کي سينيٽ جي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي.

شوڪت ترين ڪي پي ڪي مان سينيٽ جي چونڊ وڙهندو ۽ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽر ايوب آفريدي پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏني هئي جنهن کانپوءِ چيو پئي ويو ته ان جي جاءِ تي شوڪت ترين سينيٽر بڻبو.

سينيٽ جي سيڪريٽري ايوب آفريدي جي سيٽ خالي قرار ڏيندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي اليڪشن ڪميشن کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن خالي پيل سيٽ تي 30 ڏينهن جي اندر چونڊ ڪرائڻ جي پابند آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايوب آفريدي کي وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.