ٺٽو: عوامي آواز جي نعري ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي سري هيٺ سيمينار

ٺٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان عوامي آواز جي نعري ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي سري هيٺ پريس ڪلب ۾  سيمينار ڪوٺايو ويو.

سيمينار کي ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي صدر سيد جلال شاھ، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ پروفيسر اعجاز جاکرو، عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر گھنور خان زئور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عوامي آواز جو ڪردار سدائين  سنڌ دوست رھيو آھي، سنڌ ۾ سرداري نظام عوام لاءِ ناسور بڻجي ويو، وقت اچي ويو آھي ته  سنڌ مان سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي خاتمي لاءِ جدوجھد ھلائجي.

ھنن چيو ته سنڌ جي تعليم کي ھٿ وٺي تباھ ڪري ماڻھن کي سردارن جو غلام بڻايو ويو آھي، رياست سرداري نظام کي ھٿي ڏئي رھي آھي، سنڌ مان سرداري نظام جي خاتمي لاءِ گڏيل جدوجھد ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.