گڏاپ واسين جو سرداري نظام خلاف ريليون ڪڍڻ جو اعلان

گڏاپ (ن ع آ ) سنڌ ڪلچر ڪاميٽي جي سڏ تي 5 ڊسمبر تي سرداري نظام نامنظور جي سري ھيٺ ملھائڻ واري اعلان کي گڏاپ جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران آجيان۔ گڏاپ ۾ ريليون ثقافتي پروگرام ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ان حوالي سان سماجي اڳواڻ اسلم شاھاڻي، علي بابا پنھور۔ انور مگسي ، رمضان جمالي فدا جمالي انور رند اسماعيل دل، عبدالرحيم ، يوسف جان ، منظور شاهاڻي يونس رند ۽ ٻين چيو ته سنڌ ڪلچر ڪاميٽي جي اڳواڻن پاران پنج ڊسمبر تي سرداري نظام نامنظور جي نعري ھيٺ ملھائڻ جي اعلان جي ڀرپور آجيان ڪيون ٿا، سنڌ ۾ سرادري نظام سبب نوجوان نسل جي تعليم ۽ نوجوانن کي شعور کان محروم رکيو پيو وڃي۔ ثقافتي ڏهاڙي سبب عوام ۾ پنهنجي ثقافت ۽ مظلوم عوام لاء ناسور ظالم سرداري نظام بابت سنڌ جي عوام ۾ وڏي سجاڳي ۽ شعور اچي رھيو آهي ان ڪري سنڌي قوم کي گھرجي ته ھو ظالم سماج سان مھاڏو اٽڪائڻ لاء پنهنجي نئين نسل کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪن ۽ کين مستقبل جو معمار ۽ سنڌ جو باشعور فرد بنائين ان ۾ ئي سنڌ جي ترقي ۽ بقا سمايل آهي. سنڌ ھزارين سالن کان تاريخي وجود رکندڙ خطو آھي. جنھن جو ماضي نھايت شاندار رھيو آھي. سنڌي تھذيب دنيا جي سڀني تھذيبن کان مھذب ۽ قديم آھي. اسانکي پنھنجي سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت تـي فخر آھي. ھر سال جيان ھن ڀيري به سنڌي ثقافتي ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.