قمبر ڀرسان کنڀي گم ڪيل شاعر جو پتو نه پيو، وارثن جو احتجاج

قمبر ( ڊ ر ) قمبر جي ڳوٺ گل محمد چچو مان کنڀي گم ڪيل شاعر شاهنواز کوسو جي آزادي لاءِ سندس جي امڙ اقبال خاتون، وني ناهيد خاتون ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شاهنواز کوسو جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي هنن چيو اسان جي نوجوان کي گهر مان بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي نوجوان شاهنواز جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو واسطو ناهي آهي جيڪڏھن ڪو ڏوھ آھي ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ شاهنواز جي آزادي تائين احتجاج ڪيو ويندو،،قمبر لڳ ڳوٺ نورنگ واھ جو رهواسي شاگرد 14سالن وحيد سولنگي پٽ غلام سرور سولنگي ون ويلنگ ڪندي حادثي جو شڪار ٿي ويو ون ويلنگ ڪندي نوجوان جي موٽر سائيڪل پل سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب نوجوان تڏي تي ئي فوت ٿي سندس مڙهه پوليس پنهنجي تحويل ۾ کڻائي اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو مڙھ گهر پهچڻ تي گهرڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو،قمبر ۾ يوٿ فورم طرفان ٻرڙا فارم هائوس تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائي مچ ڪچهري ڪئي وئي جنهن ۾نالي وارن شاعرن نجم خاصخيلي،عامر حسين تنيو،اشفاق حسين چانڊيو،فنڪارن ۾صدرالدين شاهه قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو يوٿ فورم اڳواڻن ڪامريڊ اياز ٻرڙو،سرائي عبدالطيف گوپانگ،بخت جاني ڀٽو،نيبل سومرو،لالا اسحاق،ساگر ڀٽو،مريد سنڌي ۽ شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن سيد مجاهد حسين شاهه،سيد ذوالفقار علي شاهه،ڪامريڊ نظير حسين تنيو،محمد علي هڪڙو ۽ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌين هزارين سال پراڻي ثقافت آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ سڀني جو فرض آهي عوامي آوازميڊيا طرفان اعلانيل سرداري نظام کان چوٽڪاري جي آجيان ڪندي ايڪتا ڏينهن ملهائڻ کي پاڻ لاءِ اعزاز سمجهون ٿا،قمبر،،وزيرعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه قمبر پهچي پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو جي گهرواري جي لاڏاڻي تي غيبي ديرو هائوس قمبر پهچي تعزيت ڪندي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ان موقعي وزير اعلي سنڌ سان صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ميڪش چولا تيمور ٽالپر ۽ مرتضي وهاب،ميجر جنرل جاويد چانڊيو،رٽائرڊ ڪرنل دوست محمد چانڊيو به ساڻن گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.