خيرپور ۾ گهرڌڻين هٿان تشدد جو نشانو بڻيل ملازم نينگر جي حالت خراب، مظاهرا

گمبٽ/خيرپور/ڪنب (نمائندا) خيرپور ۾ انسانيت سوز واقعو پيش، غربت سبب گهر اندر ڪم ڪندڙ ڪرم آباد واسي  12 سالن جي معصوم ٻار سعد الله اڄڻ کي گھر ڌڻين علي رضا شيخ ۽ انيلا شيخ ڇهن مهينن کان تشدد ڪرڻ بعد سندس کي گھر ٻاهران ڦٽو ڪري ڇڏيو شهرين معصوم ٻار کي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو معصوم ٻار جو ايمرجنسي وارڊ ۾ علاج جاري آهي، واقعي خلاف ڊرٻ ميھر شاھ ۾  علي رضا شيخ ۽ انيلا شيخ خلاف اڄڻ يوٿ فورم ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڄڻ يوٿ فورم جي اڳواڻن سڪندر علي اڄڻ، فقير ممتاز اڄڻ، غلام قاسم اڄڻ، نعمت الله اڄڻ صوفي امير بخش اڄڻ حبيب الله اڄڻ  عطاءَالله اڄڻ امام ڏنو اڄڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته معصوم نينگر سعدالله اڄڻ تي تشدد ڪندڙ علي رضا شيخ ۽ انيلان شيخ خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن خيرپور ۾  سول سوسائٽي  ۽  نينگر جي وارثن پريس ڪلب اڳيان  احتجاج ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ غلام قاسم اڄڻ، عبدالرزاق، فدا حسين، عطاءُ الله، صوفي امير بخش ، راحيل علي، منصور احمد ، نثار احمد اڄڻ ۽ ٻين اخبار وارن کي ٻڌايو ته نينگر گذريل 24 ڪلاڪن کان سول اسپتال خيرپور ۾ مسلسل بيهوش آهي،اهڙي واقعي جي خبر ميڊيا تي اچڻ باوجود پوليس ڪو به قدم نه کنيو آهي هنن چيو ته 6 مهينا اڳ اسان کي نينگر سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي ٻئي طرف نينگر جي پيءُ ڪاشف علي اڄڻ ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين آهيون منهنجو پٽ علي رضا شيخ  جي گهر ۾ ڪم ڪندو هو جنهن سان ملڻ جي لاءِ ويندا هئاسين ته هو اسان کي چوندا هئا ته اسان جي فيملي سان ڪراچي يا وري اسلام آباد ويل آهي ائين چئي موٽائي ڇڏيندا هئا، ڪنب ۾  اڄڻ يوٿ فورم ۽ سول سوسائٽي پاران ڊاڪٽر اسحاق اڄڻ, دائم خان, مومن علي, فدا حسين اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪنب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.