حڪم باوجود غيرقانوني اڏاتون اڃان تائين ڇو نه ڊاهيون ويون: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد 5 نمبر ۾ غيرقانوني اڏاوتن بابت ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت چيو ته عدالتي حڪم باوجود غيرقانوني اڏاتون اڃان تائين ڇو نه ڊاهيون ويون آهن، عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڊائريڪٽر سينٽرل مرزا غام حيدر ۽ عاقب علي کي به توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي 6 ڊسمبر تي طلب ڪري ڇڏيو آهي، عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڪارروائي کان روڪڻ جي درخواست تي به ٻڌڻي ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي، ايس بي سي اي جو چوڻ هو ته درخواست گذار پاڻ روڊ جي 6 فوٽ حصي تي گهر ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته توهان وڃو فوري ڪارروائي ڪريو، اوهان کي ڪنهن روڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.