سعودي عرب پهريون ڀيرو پاڪستان لاءِ ڏکيا شرط رکي ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پاران سعودي عرب سان ڏکين شرطن تي ڪيل معاهدن تي بحث جاري آهي، چيو وڃي ٿو ته سعودي عرب پهريون ڀيرو مالي معاملن ۾ ڏکيا شرط رکيا آهن، جڏهن ته ماضي ۾ ڪجهه قرضن کي يا ته گرانٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي يا وري ڪجهه قرض معاف ڪري ڇڏيا آهن، معاشي معاملن تي گهري نظر رکندڙ صحافي  شهناز رانا جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جيڪي شرط رکيا آهن، اهي ڪمرشل بنيادن تي آهن، هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان آءِ ايم ايف جي ميمبرشپ ڇڏي ٿو تڏهن به ڊفالٽ هوندو، جيڪڏهن ڪنهن پيمينٽ جي ادائگي نه ڪئي تڏهن به ڊفالٽ هوندو، ايستائين جو وياج ڀري نه سگهيو تڏهن به ڊفالٽ هوندو، ان کانسواءِ سعودي عرب ڪنهن به وقت نوٽيس جاري ڪندي قرض جي واپسي جو مطالبو ڪري سگهي ٿو، معاشي ماهر ڊاڪٽر اشفاق حسن خان جو چوڻ آهي ته اهي شرط منظر عام تي اچڻ بعد پاڪستان جو اميج متاثر ٿيو آهي، پاڪستان ڪڏهن به آءِ ايم ايف کي ڇڏي نه ٿو سگهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهڙا شرط ڇو رکيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.