قومي عوامي تحريڪ پاران سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف ريليون ، مظاهرا

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا)  قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ رضا بلوچ، جميل احمد ميمڻ، جميل احمد لاڙ، اسلم سومرو مڪلي ۾ منور ڀٽو، شبير ڀٽي، راحيلا ڀٽو، ممتاز شيخ، اعجاز ٻڊاڻي نصيرآباد ۾ منور علي جتوئي، عنايت لاشاري، ضمير مغيري، اسد سنڌي، اڪبر خاصخيلي، ڳڙھي خيرو ۾ گل مصطفي جاويد جمالي، باسط بروهي ڄامشورو ۾ عبدالستار لُھر، اياز علي ساند،  مقصود جهتيال، ايڊوڪيٽ صادق بليدي ڪڙيو گنھور ۾ گيانچند مھيشوري، عابد چانڊيو، پير فراز علي شاھ صديقي، ۽ ٻين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو، اڳواڻن چيو ته  سرداري ۽ جاگيرداري نظام سنڌ جي ماڻھن کي غلام ڪري رکڻ لاءِ آھي، قبيلائي، سرداري ۽ جاگيرداري نظام ۾ معصوم ماڻھن کي قتل ڪرڻ کانپوءِجرڳا ڪري بيگناھ  خون لوڙھيا وڃن ٿا، عورتن ۽ ٻارن کي اغوا ۽ قتل ڪيو وڃي ٿو، سرداري ۽ جاگيرداري نظام ترقي ۾ رڪاوٽ آھي، سرداري، قبيلائي ۽ جاگيرداري نظام ۾ بيوروڪريسي کي به ذاتي نوڪر ڪري ھلايو وڃي ٿو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.