پ پ عوامي پارٽي آهي، نااهل حڪومت جو تختو جلد اونڌو ٿيندو: مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته فواد چوڌري جي خواب ۾ سدائين ڇڇڙا هوندا آهن.

فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آءِ ڪنهن جي سهاري بيٺي آهي، نااهل سرڪار جون عوام ۾ پاڙون ناهن، سليڪٽڊ حڪومت ڪيستائين پنهنجي نااهليءَ جو گند ٻين تي اڇلائيندي رهندي.

هن چيو ته اي ٽي ايم سرڪار هر شعبي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ جا ترجمان تسليم ڪن ته ملڪ جو عوام بدترين مهانگائي سان متاثر آهي، اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن نااهل حڪومت جو تختو اونڌو ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته پ پ عوامي جماعت آهي، مقبوليت جو اندازو ضمني چونڊن مان لڳائي سگهجي ٿو، پ پ جي اقتدار ۾ اچڻ سان ملڪ ۾ حقيقي جمهوري راڄ هوندو.

واضح رهي ته فواد چوڌري پ پ تي به تنقيد ڪندي چيو هو ته پ پ زرداري ۽ بلاول جي پارٽي آهي، اها بينظير واري پارٽي ناهي، پ پ کي سنڌ جي ٻهراڙي کانسواءِ ڪٿي به ووٽ نه مليو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.