بدين: زمين تي قبضي ۽ ڌمڪيون ملڻ خلاف نوجوان پاران پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش

بدين ۾ بااثرن پاران زمين تي قبضي ۽ ڌمڪيون ملڻ خلاف نوجوان پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

بدين ويجھو ڳوٺ حاجي رتو چانگ جي رھواسي نوجوان علي حسن چانگ زمين تي قبضي ۽ ڌمڪيون ملڻ خلاف ايوان صحافت اڳيان پاڻ مٿان پيٽرول هاري پاڻ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي موجود ماڻهن ۽ صحافين کيس روڪي ورتو.

ان موقعي نوجوان علي حسين چانگ دانهيندي چيو ته بااثرن جبار، صدام چانگ ۽ ٻين منهنجي زمين تي قبضو ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ايس ايس پي کي دانهن ڏيڻ باوجود انصاف ناهي مليو بااثرن جي ظلم کان تنگ ٿي پاڻ ساڙي رهيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.