اڪري لڳ ارڙي جي بيماري پکڙجي جو نوٽيس، ٻار گمس منتقل

اڪري چودڳي  (ن ع آ) اڪري ڀرسان ڳوٺ حاجي سومر هاليپوٽو ۾ارڙي جي وبا سبب ٻن ارن جي فوت ٿيڻ وارو مامري جو صحت کاتي پاران نوٽيس پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مسلسل نيوز بريڪ ٿيڻ ۽ خبرون نشرٿيڻ بعد صحت کاتو جاڳي پيو صحت کاتي پاران سرڪاري ايمبولينس ارڙي متاثر ڳوٺ موڪلي ڳڻتي جوڳي حالت وارن چئن ٻارن کي گمبٽ (گمس) شفٽ ڪيو ويو آهي ايمبولينس ذريعي ارڙي متاثر ڳڻتي جوڳي حالت معصوم ٻالڪ جن۾ديپڪ ساگرانمول،۽مڌهو شامل آهن انهن کي پي پي ايڇ آء ايم سي ايڇ سي اڪري جي ايمبولينس ذريعي گمبٽ (گمس)منتقل ڪيو ويو جتي ارڙي متاثر ٻارن کي گمبٽ (گمس)اسپتال ۾ ماهر ڊاڪٽر ٻارن جو طبي معائنو ضروري ٽيسٽون ڪرڻ بعد کين داخل ڪري سندن جو سرڪاري خرچ تي اعلاج ڪيوويندو ياد رهي تہ ٽي ڏينهن ڳوٺ حاجي سومر هاليپوٽو ۾ مارواڙي برادري جي 19 ٻارن جي ارڙي سبب طبيعت خراب ٿي هئي ۽جنهن سبب ٻہ معصوم ٻالڪ بادشاھ ۽پاشا فوت ٿي ويا هئا ۽ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي هلڻ بعد صحت کاتي سکر ڊويزن عملدار ڊاڪٽر حسين عمراڻي،پي پي ايڇ آء ضلع خيرپور ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينٽر ڪرم عباس سولنگي ميڊيڪل ٽيم سان گڏ متاثر ڳوٺ جو دورو ڪري تفصيل ورتا هئا جنهن بعد ٻنهي عملدارن جي هدايتن تي اڄ سرڪاري ايمبولينس ذريعي ڳڻتي جوڳي حالت ارڙي متاثر ٻارن کي گمبٽ (گمس)اسپتال شفٽ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.