ڳاڙهو اسپتال ۾عورت ويم دوران فوت، وارثن جو هاءِ وي تي ڌرڻو

ڳاڙھو /گهوڙاٻاري( نمائندا) بنيادي صحت   مرڪز بي ايڇ يو  سينٽر ڳاڙهو ۾ ڊليوري دوران نوجوان ناري فوت ٿيڻ تي وارثن جو بي ايڇ يو ڳاڙھو اڳيان هائي وي روڊ ڳاڙھو اسپتال سامنهون   بند ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ٻنهي طرفن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويون،  ڳوٺ لال خان لاشاري جي رهواسڻ ساجده جنهن کي ڊليوري لاءِ بنيادي صحت مرڪز ڳاڙھو آندو ويو جتي پي پي ايڇ آء جي مڊوائيف فرزانه ڏوڏ ۽ زهرا لوهار ڊليوري دوران غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب نوجوان ناري فوت ٿي وئي هئي انهي موقعي تي فوتي ٿيل ناري جي وارثن رمضان لاشاري مامون لاشاري لال خان لاشاري علي محمد لاشآري چيو ته جيستائين مڊوائفن خلاف ڪيس داخل نه ٿيندو تيستائين ڌرڻو جاري رهندو .ٻي پاسي ايس ايڇ او ڳاڙهو مير محمد عباسي ڌرڻي ۾ پهچي متاثرن سان ڳالهيون ڪيون پر متاثرن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين ڌرڻو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.