سلطان ڪوٽ ويجهو مقتول ڊرائيور جي وارثن ميڙ موٽائي ڇڏيو

سلطان ڪوٽ (ن ع آ ) سلطان ڪوٽ شڪارپور پنج ڏينهن اڳ نيو فوجداري ٿاڻي جي حد پشين هوٽل ڀرسان چنگچي ڊرائيور اياز سنجراڻي هٿان مارجي ويل نوجوان سي اين جي رڪشا ڊرائيور محسن سنجراڻيءَ جي وارثن ٺاھ ۽ فيصلي تي راضي ڪرڻ لاء ٺاروپور محلا ۾ پ پ ضلعي شڪارپور جي صدر مير بابل خان ڀيو جي فرزند احمد خان ڀيو ۽ سيد خان شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ ميڙ پهتي ڪيس جي فرياد ۽ مقتول جي مامي محمد قاسم سنجراڻي کين چيو ته مقتول جي قبر جي اڃان مٽي ئي نه سڪي آهي اسان ان غم مان نڪري ئي نه سگهيا آهيون ته ڪيئن ڪائي اوهان کي موٽ ڏيون اوهان ته اڃان اسان جي ٻئي جوابدار اسلم سنجراڻيءَ جي گرفتاريءَ ۾ مدد ڪريو. ٻئي طرف مقتول نوجوان جي امڙ ۽ بابا کي مسلسل بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا آهن جڏهن ته مقتول جي عذرخواهيءَ جي لاءِ توانائيءَ جي صوبائي وزير امتياز شيخ ۽ اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر محمد ابرهيم جتوئي ٺاروپور پهچي تعزيت ڪئي آهي ۽ ٻنهي اڳواڻن مقتول جي وارثن کي پنهنجي پاران ھر ممڪن مدد جي پڪ ڏياري آهي.

  • لکي غلام شاهه  ۾ سٽي گيٽ انتظاميا خلاف احتجاج

لکي غلام شاھ (ت ر ) سٽي گيٽ  سکر  انتظاميا خلاف اتان جي رهواسين منصور لنڊ، رياض ميمڻ ، ڪوڙل شاھ ،عارف مهر ، رانجهن اوڏ ، وقار لنڊ، ارشاد مهر ، صيفل ميمڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سٽي گيٽ انتظاميا ڊولپمينٽ جا پئسا وٺڻ باوجود سوسائيٽي ۾ بجلي، گيس، روڊ ۽ رجسٽري ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ,هنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته انتظاميا جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪي پيا آھيون پر سٽي گيٽ انتظاميا اسان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، احتجاج ڪندڙن چيو ته في پلاٽ تي ڊولپمينٽ جا 3 لک جمع ڪرائڻ باوجود اهڙن سهولتن کان محروم آھيون، هنن بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سٽي گيٽ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي بجلي، گيس ,روڊ ۽ رجسٽري ڏياري اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

  • محرابپور  ٽائون ڪاميٽي ملازمن جو احتجاج

محرابپور ) ن ع آ  )ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جو چوٿين ڏينھن به وڌيل پگھار انڪريمينٽ ۽ وردي الائونس نه ملڻ خلاف ٽائون ڪاميٽي محرابپور جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ان  موقعي تي سيد رفيق شاھ ، شوڪت علي، فضل حيدر ٻين لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي احتجاج کي چار سال ٿي ويا آھن پر اسان کي پنھنجا حق ڏيڻ لاءِ  ٽال مٽول ڪئي پئي وڃي،  اسان ڳالھيون ڪري پندرنهن  پرسنٽ تي راضي ڪرڻ جو ڳالھيون ڪيون ٿيون جڏھن ته پاڻ آفيسر پنج ٽيھه پرسنٽ وڌيل پگهار کڻن ٿا،  اسان جا ٻچڙا ھن مھانگائي جي دور۾ گھٽ پگھار ملڻ ڪري فاڪه ڪشي واري زندگي گذاري رھيا آھن ۽ انتظاميا رڳو لولي پاپ ٻڌائي بيوقوف بڻائي رھي آھي اسان جا فائيل ٽي ايم او جي ٽيبل تي پيا آھن پر تدارڪ نه ٿو ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.