سکر ۾بجلي چورن خلاف ڪارروائي، 2 سئو ڪنيشن ڪاٽا

سکر( رپورٽر) سکر جي سيپڪو سب ڊويزن هڪ جي مختلف علائقن ايوب گيٽ، غريب آباد، حسيني روڊ، ٽڪر پاڙو، وارن علائقن ۾ سيپڪو عملي اي سي سيپڪو منظور سومرو، زونل چيئرمين شجاع علي گھمرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بجلي چورن خلاف ڪاروايون ڪري 2 سئو کان وڌيڪ لڳل بجلي جا ڪنڊا ڪٽي سوين ميٽر تار هٿ ڪري ورتي آهي. ان ڏس ۾ ايس اي سيپڪو منظور سومرو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته سکر ۾ بجلي چورن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. بجلي چورن خلاف سيپڪو جون ڪاروايون جاري آهن. آپريشن دوران ڊائريڪٽ لڳل بجلي جون تارون ڪٽي هٿ ڪيل تارن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.