ناريءَ جو ڳرو وجُود ۽ ڪائنات جا وکريل رنگَ

تحرير؛عشا نصرت

گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق سڄيءَ دنيا ۾ هر ٽن مان هڪ عورت تشدد جو شڪار ٿئي ٿي. هي انگُ، بحران جي ڏينهن ۾ اڃا به وڌي ٿو. انهن مان تمام گهٽ عورتون اهڙيون آهن، جيڪي پاڻ سان ٿيندڙ اهڙيءَ ويڌن جو ذڪر ڪنهن ٻئي سان ڪن ٿيون ۽ انهن مان به اٽي ۾ لُوڻ برابر ناريُون اهڙي دانهن کڻي پوليس وٽ وڃن ٿيون. باقي رهيل نارين جو ڪجهه حصو پنهنجين زندگين کان هٿ ڌوئي ٿو ويهي، جڏهن ته باقي عورتون خاموشيءَ سان پاڻ تي ٿيندڙ اهڙو ڏاڍ برداشت ڪنديون رهن ٿيون. عورتن تي رپورٽ ٿيندڙ تشدد جو نشانو بڻائيندڙن ۾ سندن مڙسَ، ڀائرَ، پيئرَ، پُٽَ ۽ ٻيا ويجها رشتيدار شامل هوندا آهن، جيڪي عورتن کي مارڪُٽَ ڪرڻ کي پنهنجو حق سمجهي، اهو سڀ ڪندا رهن ٿا. هر سال، سڄيءَ دنيا ۾ ’عورتن جي تشدّد کان روڪ جو عالمي ڏينهن‘ ملهايو ويندو آهي، جنهن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد، نارين کي تشدّد خلاف جاڳرتا ڏيڻ ۽ تشدد جو خاتمو ڪرڻ سان گڏوگڏ ان سچ جو ڦهلاءُ به آهي، ته عورتن تي ٿيندڙ ڏاڍايُن جو خاتمو، تعليم عام ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي.

قديمي دؤرَ کان وٺي عورت کي ڪمتر سمجهيو ويندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اِها عورت ئي آهي، جيڪا رشتا، عزتُون ۽ مانَ بچائڻ جي قصد سان ان جا اثَرَ، ڏاڍَ توڙي تشدد جي صُورت ۾ پاڻ تي سَهي ٿي. انڪري دنيا ۾ عورتن کي سؤلڙائيءَ سان تشدد جو شڪار بڻايو وڃي ٿو. اهو به ياد رهي ته تشدّد کان بچڻ لاءِ عورتون پاڻ به عورتن جِي گهڻن طريقن سان مدد ڪري سگهن ٿيون.

دنيا ۾ نارين تي ڪيترن ئي قسمن جو تشدّد ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ جنسي ڏاڍ، گهريلو تشدد، نسل بنديءَ تي زور ۽ ذهني تشدد سميت، ڏاڍ جا ٻيا ڪيترائي طريقا شامل آهن. ڪورونا دؤران وڏي پيماني تي گهرو تشدد جا ڪيس سامهون آيا.

نارين کي تشدد کان بچائڻ لاءِ هيٺيُن تجويزن تي عمل ڪري مثبت نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا:

1 ــ تعليم عام ڪرڻ

2 ــ ناريءَ کي ٻارن ۽ انساني حقن بابت بنيادي ڄاڻ ڏيڻ

3 ــ صنفي برابريءَ جي جاڳرتا لاءِ سرڪار توڙي سول سُوسائٽيءَ پاران مردن توڙي عورتن لاءِ پٺتي پيل علائقن ۾ گڏجاڻيون ڪري مردن ۽ عورتن ۾ صنفي فرق ختم ڪرڻ جي ڄاڻ ڏيڻ.

4 ــ بُکَ ۽ بيروزگاري به عورتن تي ٿيندڙ تشدّد جو هڪ اهم سبب آهي. مردن توڙي عورتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ روزگار توڙي هنر جا موقعا ڏيڻ سان اهو مسئلو ڪنهن حد تائين ختم ڪري سگهجي ٿو.

5 ــ سماجي رابطن جي ويب سائٽس تي ان ڏس ۾ مهم هلائڻ ۽ ان حوالي سان عملي ڪم ڪرڻ.

6 ــ ننڍيءَ عمر ۾ شادي ۽ ٻارن جي وڌيڪ تعداد جي ڪري بک ۽ بدحاليءَ ۾ انهن ٻارن جي تعليم، صحت، پرورش ۾ ڪوتاهي ڪرڻ سبب، اهي ئي ٻار وڏا ٿي معاشري لاءِ ناسور بڻجي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح معاشري ۾ عورت جي عزت نه ڪرڻ خانداني روايت به سمجهن ٿا. ننڍيءَ عمر جي شادين کي روڪڻ سان به ان ڏس ۾ مثبت نتيجا ماڻي سگهجن ٿا.

7 ــ زوريءَ شاديُون ڪرائڻ به نارين تي تشدد جو مُک سبب آهي. انهن کي ٻُنجو ڏيڻ.

8 ــ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏاج ۽ نياڻيءَ کي ملڪيت مان حصّو نه ملڻ به ساهرن پاران عورتن تي تشدّد جو سبب بڻجي ٿو. اُن جي روڪَ لاءِ قدم کڻڻ.

9 ــ پُٽاڻي اولاد پيدا نه ٿيڻ تي به ڪيترن ئي نياڻين کي مڙس ۽  ساهرن پاران ذهني تشدّد سان گڏ جسماني ڏاڍ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. ان کي روڪڻ

10 ــ نشو واپرائيندڙ ڳوٺن کان شهرن تائين پڙهيل ڳڙهيل مرد به عورتن تي بنا ڪنهن سبب جي، تشدّد ڪن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ ڪئين عورتُون پنهنجو سِرُ به وڃائي ويهن ٿيون. نشي جي واهپي کي روڪي به نارين کي تشدد کان نجات ڏياري سگهجي ٿي.

11 ــ ذھني بيمارين ۾ به عورت، مرد جي هٿان تشدّد جو شڪار ٿئي ٿي. انهن تي ضابطو آڻڻ.

12 ــ سهپ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ.

13 ــ خانداني منصوبا بنديءَ ۽ زندگيءَ جي ٻين رٿابندين جي ڄاڻ عام ڪرڻ! ڇو ته انهن رٿابندين جي ڄاڻ نه هئڻ ۽ انهن تي عمل نه ڪرڻ به نارين تي ظلم جو هڪ وڏو سبب آهي.

14 ــ فطري توڙي قانوني طور مليل بنيادي حقن کان عورتن کي باخبر رکڻ.

انهن سمورن مسئلن کي گهٽ ڪرڻ يا يڪسر حل ڪرڻ سان ئي عورتن تي ٿيندڙ هر قسم جي تشدّد جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو ۽ هاڻي وقت آهي ته نارين کي گُونگو گُگدام سمجهي، انهن تي مسلسل تشدّد خلاف ناريون، ان جا حمايتي گهر ڀاتي، سول سُوسائٽي ۽ خود سرڪار اُٿي ۽ هڪ روشن سماج جي تعمير لاءِ عورتن کي محفُوظ ماحول فراهم ڪري، معاشري جي جوڙجڪ ۾ نارين جي فعال ڪردار کي يقيني بڻائي، جيڪو، کين هر قسم جي تشدد کان بچائي ئي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.