صحافي احمد نوراني جي گهرواريءِ جي گاڏي تي حملو، ونڊ اسڪرين ٽوڙي وئي، ڌمڪيون

لاهور (م ڊ) لاهور ۾ سينيئر صحافي احمد نوراني جي گهرواريءِ صحافي عنبرين فاطمه جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو، جوابدارن گاڏي جي ونڊ اسڪرين ٽوڙي ڇڏي ۽ صحافي عنبرين کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي، عنبرين جو چوڻ آهي ته ڌي ۽ ڀيڻ سان گڏ شاپنگ لاءِ بازار وڃي رهي هئس ته اڻ ڄاتل جوابدارن گاڏي تي حملو ڪيو، حڪومت جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪري.هوڏانهن  پنجاب يونين آف جرنلسٽس پاران سينيئر صحافي احمد نوراني جي گهرواري صحافي عنبرين  فاطمه تي حملي تي ڳڻتي جو  اظهارڪندي چيو آهي ته عنبرين فاطمه جي گاڏي جي ونڊ اسڪرين تي لوهي راڊ سان حملو صحافين کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اهو حملو اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن احمد نوراني جي ڪهاڻي اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ڪلپ تي ٻڌل آڊيوڪليپ وئرل ٿي آهي. عنبرين فاطمه تي حملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي حيدرآباد جي سينيئر صحافين لالارحمان سمون. خالد کوکر. اقبال ملاح. غلام حسين خاصخيلي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر جئه پرڪاش موراڻي. جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي ۽ ٻين مذمت ڪئي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.