نيب ڪارڪردگي تي سوال، ڇا رياست لاچار ٿي چڪي آهي؟ سپريم ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر)  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قومي احتساب بيورو نيب جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري۾ الحبيب ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي رفاعي پلاٽس تي قبضي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس اعجازالاحسن چيو ته مسجد، اسڪولز سمورا پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي رجسٽرار مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پارڪس، مسجد ايراضي جي الاٽمينٽ ڪينسل ڇو نٿا ڪريو؟ رياست ڇا ڪري رهي آهي؟ ڇا رياست لاچار ٿي چڪي آهي؟ نيب ڇا ڪري رهي آهي؟ هنن کي جيل ۾ ڇو نٿا وجهو؟ 32 پلاٽن جو معاملو 10 سالن کان هلي رهيو آهي حڪومت کي ڪا پرواهه ئي ناهي. نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته چار ڄڻن عبوري ضمانتون حاصل ڪري رکيون آهن. پلاٽس جي الاٽمينٽ کي رد ڪرڻ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو اختيار آهي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته نيب ڇا آسمان تان لهي آئي آهي؟ جسٽس قاضي محمد امين احمد چيو ته نيب جاچ آفيسر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇا ڪيو؟ جيڪڏهن جوابدار ضمانت تي آهن ته ڇا ضمانت صدين تائين هلندي؟ چيف جسٽس چيو ته جاچ آفيسر صاحب، ڇو نه اوهان کي ئي فارغ ڪري ڇڏيون؟ نيب چيئرمين کي چئون ٿا اوهان جي خلاف جاچ ڪري. نيب جي جاچ آفيسر کي ئي جيل اماڻي ٿا ڇڏيون. لڳي نٿو ته ڪو هي جاچ آفيسر آهي، اوهان کي عوام جي ڪمن لاءِ لڳايو پر اوهان ٻين ڪمن ۾ لڳي ويا.سپريم ڪورٽ نيب ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي نيب چيئرمين کي قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.